اسلام آباد: وفاقي اطلاعات ۽ نشريات واري وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي (انڊس واٽر ٽريٽي) تي پاڪستان جو مؤقف عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي ۽ بين الاقوامي برادري هن معاهدي جي قانوني حيثيت کي مڃيندي پاڪستان جي مؤقف کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. وفاقي ماحولياتي تبديلين واري وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان گڏ اسلام آباد ۾ پيس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عطا الله تارڙ چيو ته سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته هي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ طئي ٿيل هڪ بين الاقوامي معاهدو آهي، جنهن جي قانوني حيثيت مڃيل آهي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل هميشه ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته پاڻي پاڪستان جي بقا جو معاملو آهي، ان ڪري قومي مفادن تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو نه ڪيو ويندو.عطا الله تارڙ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان بين الاقوامي سيمينار منعقد ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ سڄي دنيا مان پاڻي جي وسيلن جا ماهر شريڪ آهن. هن چيو ته ان سيمينار جي انعقاد سان نه رڳو پاڪستان جي مؤقف کي عالمي سطح تي وڌيڪ هٿي ملي آهي پر سنڌ طاس معاهدي بابت پاڪستان جي بيانيي کي به بين الاقوامي سطح تي پذيرائي حاصل ٿي آهي. ان موقعي تي وفاقي ماحولياتي تبديلين واري وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي جي معاملي کي بين الاقوامي سطح تي اثرائتي انداز ۾ اٿاريو ويو آهي ۽ پاڪستان پنهنجي حصي جي پاڻيءَ تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو نه ڪندو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته پاڪستان ماضيءَ ۾ تباهه ڪندڙ ٻوڏن جو سامنا ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ملڪ جي معيشت ۽ لکن ماڻهن جو روزگار زراعت سان لاڳاپيل آهي، جنهن جو دارومدار پاڻيءَ تي آهي. هن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تي تنقيد ڪندي چيو ته هو پاڪستان خلاف آبي دهشتگردي ڪرڻ چاهي ٿو، پر پاڪستان پنهنجي آبي حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اسان اعلان ڪري چڪا آهيون ته جيڪو پاڻيءَ تي هٿ وجهندو ته هٿ ڪٽي ڇڏينداسين، پاڪستان واضح ڪري چڪو آهي ته پنهنجي حصي جي پاڻيءَ تي ڪو به سمجھوتو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته حق ۽ انصاف لاءِ بيهي رهڻ پاڪستان جي روايت آهي ۽ ملڪ پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ هر سطح تي آواز اٿاريندو رهندو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان جاري بين الاقوامي ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن مڪمل سيشن ‘جستس اينڊ رائيٽس’ (انصاف ۽ حقن) جي موضوع تي منعقد ٿيندو، جنهن ۾ آبي حقن ۽ بين الاقوامي قانوني رخن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
تبصرے بند ہیں۔