اسلام آباد : صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان رينجرز جي جوانن فتني الهندستان جي دهشتگردن جا ناپاڪ عزائم ناڪام بڻائي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيت، بهادري ۽ فرض شناسيءَ جو مظاهرو ڪيو.صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ڪراچي ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي ڪيمپ تي ڀارتي پراڪسي، جماعت الاحرار جي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ڄامِ شهادت نوش ڪندڙ پاڪستان رينجرز جي ٽنهي جوانن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم پنهنجي بهادر سپاهين جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي، پرڏيهي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد عناصرن جا ناپاڪ عزائم ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. هن چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف پنهنجي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏوگڏ بيٺي آهي، شهيدن جون قربانيون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي ڪيمپ تي فتني الهندستان جي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته ٽن دهشتگردن کي هلاک ۽ هڪ کي زندهه گرفتار ڪري سيڪيورٽي فورسز فتني الهندستان جي جارحاڻي عزائم کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته آپريشن دوران وطن تان پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي، سندن قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون، الله تعاليٰ شهيدن جي گهرڀاتين کي صبر عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد کان جلد صحت ياب ڪري. هن چيو ته شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، دهشتگردي جي هر فتني جو پوري قوت سان خاتمو ڪيو ويندو، فتني الهندستان ۽ ان جا سرپرست پنهنجي ناپاڪ عزائم ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. وزيراعظم چيو ته قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي، دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي جدوجهد پوري قوت ۽ عزم سان جاري رهندي.
تبصرے بند ہیں۔