ڪراچي: ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ واقع ڏهن ٻيٽن تي ٻڌل ملڪ ڪيپ ورڊي عالمي فٽبال ڪپ ۾ بنا ميچ کٽڻ جي ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي تائين پهچندڙ دنيا جو سڀ کان ننڍو ملڪ بڻجي تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.
صرف سوا پنج لک آبادي واري هن ملڪ جي ٽيم کي آخري 32 جي مرحلي ۾ دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا سان مقابلو ڪرڻو پوندو.
سعودي عرب خلاف بنا ڪنهن گول جي برابر ٿيل ميچ کان پوءِ رانديگر ميدان تي ئي هڪ موبائل فون جي چوڌاري گڏ ٿي ويا ۽ اسپين ۽ يوراگوئي وچ ۾ هلندڙ ميچ جا آخري لمحات ڏسندا رهيا. اسپين جي فتح سان اها تصديق ٿي وئي ته ڪيپ ورڊي گروپ ايڇ ۾ رنر اپ رهي ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
هوسٽن مان بي بي سي ريڊيو 5 لائيو جي مبصر روب لا چيو:
“اسٽيڊيم ۾ هر طرف فخر ۽ خوشي جا ڳوڙها هئا.”
هن وڌيڪ چيو: “هڪ تمام خوبصورت منظر هو، جڏهن سڀ رانديگر پنهنجن فونن جي چوڌاري گڏ بيٺا هئا ۽ آخري سيٽي جو انتظار ڪري رهيا هئا.”
“جيئن ئي آخري سيٽي وڳي، ميدان ۽ اسٽينڊن ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها وهي پيا. هي ورلڊ ڪپ جو هينئر تائين سڀ کان يادگار لمحو آهي.”
ان کان اڳ ڪيپ ورڊي پنهنجي پهرين ميچ ۾ اسپين خلاف شاندار بنا گول جي برابر نتيجو حاصل ڪيو هو، جنهن ۾ 40 ورهين جي گول ڪيپر ووزينها هيرو بڻيو. ان کان پوءِ هن ٻه ڀيرا ورلڊ ڪپ کٽيندڙ يوراگوئي خلاف 2-2 تان برابر ميچ کيڏي.
اسپين جي اڳوڻي ورلڊ ڪپ فاتح خوان ماتا آءِ ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو: “هي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن، اهو حيرت انگيز آهي. اها رڳو اسپين خلاف هڪ ميچ نه هئي، پر مسلسل ٽن ميچن ۾ هنن دنيا جي اعليٰ سطح تي شاندار راند پيش ڪئي.”
هر ڪو حيران آهي ته رڳو 5 لک 25 هزار آبادي وارو ملڪ، جيڪو پنج ڀيرا آفريقي چيمپيئن ڪيمرون کي پٺتي ڇڏي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ٿيو، آخر ايتري وڏي ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪئي؟
بليو شارڪس جي ڪاميابي جو سڀ کان وڏو سبب ڪيپ ورڊي جي فٽبال فيڊريشن (FCF) جو اهو فيصلو آهي، جنهن تحت پرڏيهن ۾ رهندڙ ڪيپ ورڊي نسل جي رانديگرن کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو.
ڪيپ ورڊي جا پنهنجي اڳوڻي نوآبادياتي ملڪ پرتگال سان مضبوط لاڳاپا آهن. گذريل صديءَ دوران سخت ڏڪار سبب ڪيترائي ماڻهو ٻيٽن مان لڏي پرتگال ۽ ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا. سامونڊي واپار ۽ ملاحت جي روايت سبب هالينڊ جي شهر روٽرڊيم ۾ به ڪيپ ورڊي نسل جا وڏي انگ ۾ ماڻهو رهن ٿا.
ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جي 26 رانديگرن مان 14 رانديگر ملڪ کان ٻاهر پيدا ٿيا، جڏهن ته انهن مان 6 رانديگر روٽرڊيم جا آهن.
انهن مان هڪ فارورڊ ڊيليون ليورامينٽو، جيڪو گذريل سيزن پرتگال جي ڪلب ڪاسا پيا لاءِ کيڏندو رهيو، گذريل سيپٽمبر ۾ ڪيمرون خلاف اهم ڪواليفائنگ ميچ ۾ واحد فيصلائتو گول ڪيو هو.
ڪيپ ورڊي جي پارليامينٽ جي ميمبر جوسينا فريٽاس فورٽس بي بي سي اسپورٽ آفريڪا کي ٻڌايو: “ايف سي ايف جذبي، وابستگي ۽ واضح فني رٿابندي ذريعي وڏو ترقياتي سفر طئي ڪيو آهي.”
هن چيو: “اڄ جيڪي نتيجا اسان ڏسي رهيا آهيون، اهي ڪيترن ئي سالن جي مسلسل محنت، مضبوط يقين ۽ انهن ماڻهن جي دل و جان سان ڪيل ڪوششن جو نتيجو آهن، جن هن منصوبي لاءِ پاڻ وقف ڪري ڇڏيو.”
لنڪڊ اِن ذريعي به رانديگر ڳوليا ويا
2019ع ۾ ڊبلن ۾ ڄاول سينٽر بيڪ روبرٽو لوپز کي ڪاروباري نيٽ ورڪنگ ويب سائيٽ لنڪڊ اِن ذريعي قومي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جي ڪهاڻي اڳ ئي مشهور ٿي چڪي آهي.
جڏهن ته اڳوڻو مانچسٽر يونائيٽيڊ ونگر بيبي، جيڪو اڳ پرتگال جي انڊر-21 ٽيم جي نمائندگي ڪري چڪو هو، 2023ع آفريڪا ڪپ آف نيشنز ۾ ڪيپ ورڊي جي اسڪواڊ جو حصو رهيو.
روبرٽو لوپز چيو: “هن ٽيم اندر اهو مضبوط اعتماد موجود آهي ته اسان دنيا جي بهترين ٽيمن سان مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا.”
هن وڌيڪ چيو: “اهو اعتماد اوچتو پيدا نه ٿيو آهي. منهنجي اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ به هڪ واضح رٿابندي جاري رهي آهي، جنهن جو مقصد ڪيپ ورڊي کي دنيا جي وڏين فٽبال قومن جي صف ۾ آڻڻ هو.”
مستحڪم ڪوچنگ ئي ڪاميابي جو راز
ڪيپ ورڊي جي شاندار ڪارڪردگي جو وڏو ڪريڊٽ ڪوچ بوبسٽا کي وڃي ٿو، جيڪو پاڻ به اڳوڻو قومي رانديگر رهيو آهي ۽ جنوري 2020ع کان ٽيم جي ذميواري سنڀالي رهيو آهي.
56 ورهين جي اڳوڻي سينٽر بيڪ کي مسلسل ڪوچنگ جو موقعو ملڻ سبب هن هڪ منظم، مضبوط ۽ گڏيل ٽيم تيار ڪئي، جنهن جي دفاعي قطار منظم، مڊفيلڊ فني لحاظ کان مضبوط ۽ فارورڊ انتهائي باصلاحيت آهن.
2023ع آفريڪا ڪپ آف نيشنز ۾ ڪيپ ورڊي گهانا کي شڪست ڏني ۽ مصر سان برابر کيڏي ڪوارٽر فائنل تائين پهتي، جڏهن ته هن رڳو ڏهه سال اڳ ئي ان ٽورنامينٽ ۾ پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي هئي.
اسپين خلاف بنا گول جي برابر ميچ ۾ ووزينها جو 7 يقيني گول روڪڻ، اهم بچاءُ يقيناً اهم رهيا، پر بليو شارڪس جي نظم و ضبط جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هنن 2010ع جي عالمي چيمپيئن اسپين خلاف رڳو هڪ فائول ڪيو، جيڪو 1966ع کان پوءِ ڪنهن به ورلڊ ڪپ ميچ ۾ سڀ کان گهٽ آهي.
دفاعي رانديگر سڊني لوپز ڪابرال بي بي سي ورلڊ سروس کي ٻڌايو:
“اسين هميشه هڪ يونٽ وانگر تربيت وٺندا ۽ کيڏندا آهيون، تنهن ڪري ميچ ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو اسان لاءِ نئون نه هو.”
هن وڌيڪ چيو: “هي اسان جي راند آهي. اسان هميشه اهڙي انداز ۾ کيڏندا آهيون. اها ئي اسان جي ٽيم ۽ دفاع جي سڃاڻپ آهي.”
يوراگوئي خلاف گروپ ايڇ جي ٻي ميچ ۾ ڪيپ ورڊي وڌيڪ جارحاڻو انداز اختيار ڪيو، پر ساڳئي وقت پنهنجي همت ۽ ثابت قدمي جو به مظاهرو ڪندي ٻئي هاف ۾ برابري وارو گول ڪيو.
ڪوچ بوبسٽا چيو: “نتيجي کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي ٽيم جي سڃاڻپ، طاقت، اتحاد ۽ ثابت قدمي دنيا کي ڏيکاري.”
ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم کي ڪواليفاءِ ڪرائڻ تي بوبسٽا کي آفريڪن فٽبال ڪنفيڊريشن (CAF) طرفان 2025ع جو آفريڪا جو بهترين ڪوچ قرار ڏنو ويو.
هن چيو: “اسان جو ملڪ تمام ننڍو هجڻ باوجود تمام سٺو ڪم ڪيو آهي.” 2021ع آفريڪا ڪپ آف نيشنز کان اڳ هن بي بي سي اسپورٽ آفريڪا کي چيو هو: “منهنجو يقين آهي ته مستقبل ۾ اسان ورلڊ ڪپ ۾ ضرور هونداسين.‘
هاڻي سندس اها جرئت ڀري اڳڪٿي سچي ثابت ٿي چڪي آهي، ۽ هو اميد رکي ٿو ته ڪيپ ورڊي جي هي ڪاميابي دنيا جي ٻين ننڍين ۽ ڪمزور سمجهيل ٽيمن لاءِ به حوصلي جو سبب بڻجندي.
هن چيو: “منهنجو يقين آهي ته فٽبال هر ڪنهن جي راند آهي.”
انعام ۾ ارجنٽينا سان مقابلو
ڪيپ ورڊي هاڻي جمعي ڏينهن ميامي ۾ آخري 32 جي مرحلي ۾ ليونيل ميسي جي ارجنٽينا سان مقابلو ڪندي.
سعودي عرب خلاف ميچ کان پوءِ پنهنجي ملڪ جو جهنڊو اوڍي بوبسٽا پريس ڪانفرنس ۾ چيو: “اسان لاءِ ڪا به شيءِ ناممڪن ناهي.”
هن وڌيڪ چيو: “شروع کان ئي اسان جو هڪ مقصد اهو هو ته پنهنجي ملڪ کي دنيا آڏو متعارف ڪرايون.”
“ارجنٽينا ۽ ميسي خلاف اهڙي وڏي مرحلي تي کيڏڻ اسان جي ملڪ لاءِ پاڻ ۾ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، نتيجو جيڪو به نڪري.”
سعودي عرب خلاف مين آف دي ميچ قرار ڏنل مڊفيلڊر ڊيروئي ڊوارٽي چيو: “سچ پڇو ته اڃا تائين يقين نٿو اچي. ائين ٿو لڳي ڄڻ خواب ڏسي رهيو آهيان.”
“هاڻي پهرين جشن ملهائينداسين. اميد آهي ته سڀئي ڪيپ ورڊي وارا به خوش هوندا. سڀاڻي کان ارجنٽينا خلاف ايندڙ ميچ جي تياري شروع ڪنداسين.” “ها، مقابلو ڏکيو هوندو، پر يقين رکون ٿا، هر شيءِ ممڪن آهي.”
اڳوڻي ٽوٽنهم، ناٽنگهم فاريسٽ، سيلٽڪ ۽ آسٽريليا جي قومي ٽيم جي ڪوچ اينج پوسٽيڪوگلو چيو: “هي ئي ته ورلڊ ڪپ جي اصل خوبصورتي آهي.” “اسين اڪثر چوندا آهيون ته فٽبال دنيا جي هر ڪنڊ تائين پهچي ٿو، ۽ ڪيپ ورڊي ان جو زنده مثال آهي.”
اڳوڻي انگلينڊ ۽ مانچسٽر يونائيٽيڊ جي دفاعي رانديگر گيري نيول چيو: “جيڪي ماڻهو چوندا هئا ته ورلڊ ڪپ ۾ ٽيمن جو تعداد وڌائڻ صحيح فيصلو نه هو، شايد هاڻي ڪيپ ورڊي جي مداحن کي ڏسي پنهنجو خيال تبديل ڪري رهيا هوندا.”
هن وڌيڪ چيو: “صرف پنج لک آبادي وارو ملڪ ناڪ آئوٽ مرحلي تائين پهچي ويو، جڏهن ته يوراگوئي جهڙي وڏي فٽبال طاقت ٻاهر ٿي وئي. هي ڪيپ ورڊي لاءِ واقعي تاريخي لمحو آهي.”
پچھلی پوسٹ
تبصرے بند ہیں۔