پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار،ليوي ۾ واڌ

اسلام آباد : حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت 299 رپيا 50 پئسا برقرار رکي وئي آهي. جڏهن ته ڊيزل جي قيمت به 311 رپيا 47 پئسا في ليٽر برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب ڊيزل تي ليوي 6 رپيا 57 پئسا في ليٽر وڌائي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل تي ليوي 72 رپيا 97 پئسن مان وڌائي 79 رپيا 54 پئسا في ليٽر ڪئي وئي آهي. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب پيٽرول تي ليوي ۾ 39 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول تي ليوي 66 رپيا 25 پئسن مان وڌائي 66 رپيا 64 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. مٽي جي تيل تي ليوي 20 رپيا 36 پئسا في ليٽر برقرار رکي وئي آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي پيٽرول جي قيمت ۾ 74 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي هئي. پيٽرول جي في ليٽر قيمت 373 رپين مان گهٽ ٿي 299 رپيا ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 378 رپين مان گهٽ ٿي 311 رپين تي اچي وئي هئي.

تبصرے بند ہیں۔