آمريڪا جا ايران تي فضائي حملا، ڪو نقصان ناهي ٿيو پر حملن جي مذمت ڪريون ٿا، ايران

واشنگٽن : آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته آمريڪي فوج ايران جي خلاف فضائي حملا ڪيا آهن.آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) اعلان ڪيو آهي ته ايران پاران هرمز جي پٽي (آبنائي هرمز) ۾ هڪ ڪمرشل جهاز تي حملي جي جواب ۾ آمريڪي فورسز ڪارروائي ڪندي ايران تي فضائي حملو ڪيو آهي.سينٽڪام موجب 25 جون تي ايران ڪمرشل جهاز تي ڊرون سان حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ آمريڪي طيارن ايران جي ميزائل ۽ ڊرون اسٽوريج جي جڳهن ۽ ساحلي ريڊار سائيٽس کي نشانو بڻايو آهي.سينٽڪام واضح ڪيو ته آمريڪي فورسز هرمز جي پٽي مان گذرندڙ تجارتي جهازن لاءِ محفوظ گذرگاهه جي فراهمي ۽ رابطا ڪاري جاري رکيون پيون اچن ۽ ايران سان طئي ٿيل معاهدي جي مڪمل پابندي کي يقيني بڻائڻ لاءِ آمريڪي فوج موجود ۽ چوڪس رهندي.ايراني ميڊيا موجب ڏکڻ ايران جي ساحلي شهر سيرڪ ۾ هڪ گولو ڪريو آهي.ان کان اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ ممڪنه ردعمل جي سوال تي صحافين کي جواب ڏنو هو ته توهان کي پاڻ کي خبر پئجي ويندي.

هرمز مان آزاد سامونڊي اچ وڃ يقني بنائڻ گهرجي، شهباز شريف

پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف اڄ صبح پاڪستان نيول اڪيڊمي کي خطاب ڪندي سامونڊي رستن تي آزاد آمدرفت جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو، “علائقي جي بدلجندڙ صورتحال سڀ کان وڌيڪ اهو واضح ڪيو آهي ته عالمي معيشت ۽ بين الاقوامي سپلاءِ چينز لاءِ سامونڊي سلامتي انتهائي اهم بڻجي وئي آهي . ” هن وڌيڪ چيو، “اڄ جي دور ۾ آزاد گذر ۽ سامونڊي رستن تي بنا رڪاوٽ آمدرفت جو حق ڪا عيش عشرت واري ڳالهه نه رهيو آهي، پر سڄي دنيا لاءِ هڪ لازمي ضرورت بڻجي ويو آهي.” وزيراعظم موجب، پاڪستان نيوي اهڙي قوت آهي، جيڪا نه رڳو ملڪ جي قومي دفاع کي يقيني بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پر اهم سامونڊي خطي ۾ استحڪام برقرار رکڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

آمريڪي حملي سان بندرگاهه کي ڪو به نقصان نه پهتو، ايران

ايران جي سرڪاري خابرو اداري مهر نيوز اوڀر هرمزگان جي بندرگاهن واري اداري جي سربراهه جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته آمريڪا طرفان ايران تي نون حملن کان پوءِ سيريڪ بندرگاهه کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي. اهي حملا هڪ ڏينهن اڳ پيش آيل ان واقعي جي جواب ۾ ڪيا ويا، جنهن ۾ هڪ مال بردار ٻيڙو ايراني ڊرون جي حملي جو نشانو بڻيو هو. نيم سرڪاري خابرو اداري موجب، بندرگاهه معمول موجب ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اڳ ۾ ڌماڪن جون خبرون اچڻ باوجود ان جي سامان يا سهولتن کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي.

تبصرے بند ہیں۔