اسلام آباد: پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا ايران معاهدي ۾ عالمي برادري پاڪستان جي تعميري ڪردار کي تسليم ڪيو آهي، خطي جي امن لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار نيوز بريفنگ ۾ چيو ته ايران جي صدر مسعود پزيشڪيان گذريل ڏينهن پاڪستان جي وزيراعظم جي دعوت تي پاڪستان جو هڪ ڏينهن جو خاص دورو ڪيو، ايراني صدر، صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم سان ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم سان باضابطا ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ڪيو. هن چيو ته برگن اسٽاڪ سوئٽزرلينڊ ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پاڪستان جي ثالثيءَ ۾ مذاڪرات ٿيا، پاڪستان ۽ قطر بطور ثالث شرڪت ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. سندس چوڻ هو ته مذاڪرات ۾ ڪيترن ئي نقطن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، بطور ثالث پاڪستان ۽ قطر جي ٽيڪنيڪل ٽيم وڌيڪ اڳڀرائيءَ لاءِ ڌرين سان رابطي ۾ آهي، پاڪستان ڪيترن ئي ملڪن پاران بطور ثالث تعريف ۽ حمايت جو خيرمقدم ڪري ٿو، هن سڄي عمل ۾ پاڪستاني ميڊيا ذميواري ۽ پيشيوراڻي لڳن جو مظاهرو ڪيو. طاهر حسين اندرابي چيو ته ٻئي مرحلي لاءِ 3 مخصوص ٽيڪنيڪل ورڪنگ گروپس جوڙيا ويا آهن، پهريون گروپ نيوڪليئر پروگرام جي حوالي سان معاملن کي ڏسي رهيو آهي، ٻيون گروپ پابندين ۽ منجمد اثاثن جي معاملن جو جائزو وٺي رهيو آهي، جڏهن ته ٽيون گروپ لبنان جي صورتحال تي ڪم ڪري رهيو آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ قطر جون ٽيڪنيڪل ٽيمون آمريڪا ۽ ايران جي ٽيڪنيڪل ٽيمن سان رابطي ۾ رهنديون، پاڪستان علائقائي امن لاءِ پنهنجي تعميري ڪردار تي عالمي برادريءَ جي واکاڻ جو خيرمقدم ڪري ٿو، پاڪستان خطي جي امن لاءِ پنهنجو تعميري ۽ متحرڪ (فعال) ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته 21 جون تي پاڪستان، مصر، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اسلام آباد ايم او يو (MoU) ۽ برگن اسٽاڪ مذاڪرات تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، نائب وزيراعظم سعودي عرب، اٽلي، ڪينيڊا، بحرين، ايران سميت مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب صوماليه ڪوسٽ (سمنڊ ڪناري) تي پاڪستانين کي يرغمال بڻايو ويو آهي، پاڪستانين جي بازيابيءَ لاءِ صوماليه جي اختيارين سان رابطي ۾ آهيون.
تبصرے بند ہیں۔