لوئر دير ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي، 6 گهربل دهشتگرد مارجي ويا

پشاور: دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) جي لوئر دير ۾ ڪارروائي دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا.سي ٽي ڊي موجب، آپريشن دوران مارجي ويل 6 دهشتگرد پوليس چوڪي تي حملي ۽ اهلڪار محمد اسماعيل جي قتل ۾ ملوث هئا. سي ٽي ڊي ٻڌايو ته دهشتگردن جي قبضي مان 6 ڪلاشنڪوفون ۽ 3 دستي بم پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته فرار ٿيل دهشتگردن جي گرفتاريءَ لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي. ٻئي طرف، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خوارجن خلاف ڪامياب آپريشن تي ڪي پي پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته بهادر پٽن خارجي دهشتگردن جي ناپاڪ عزم کي ناڪام بڻايو، قوم کي سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي بهادر جوانن تي فخر آهي.

تبصرے بند ہیں۔