سيڪيورٽي فورسز جي پنجگور ۾ وقت تي ڪارروائي، دهشتگردي جي وڏي سازش ناڪام

ڪوئٽه:  بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ سيڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروائي ڪندي دهشتگردي جي وڏي سازش ناڪام بنائي ڇڏي.

سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز پنجگور جي علائقي جيرڪ ۾ ڳجهي اطلاعن تي آپريشن ڪندي وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ مواصلاتي مواد هٿ ڪري ورتو.

آپريشن جي دوران گاڏي مان 4 راڪيٽ فيوز ۽ ڪيترائي آءِ اي ڊيز قبضي ۾ ورتا ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب اهو ڌماڪيدار  مواد ڪنهن به امڪاني وڏي دهشتگردي حملي ۾ استعمال ڪرڻو هو. سيڪيورٽي فورسز وقت تي پيشوارانه ڪارروائي ڪندي انهي ناپاڪ منصوبي کي ناڪام بنائي علائقي کي امڪاني وڏي تباهي کان بچائي ورتو.

دهشتگردي جي خلاف اها ڪامياب ڪارروائي انهي ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن دشمن عناصرن جي خلاف همت سان بيٺل آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔