لاهور: ٺيڪيدارن کي ساڍا 8 ارب روپين جي اڳواٽ ادائيگي جي الزام ۾ بي آر ٽي يلو لائن ڪراچي جي اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو.
اينٽي ڪرپشن ڳجهي اطلاع تي ڊي ايڇ اي لاهور ۾ ڪارروائي ڪئي، اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي کي لاهور مان گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو.
چيئرمين اينٽي ڪرپشن سنڌ موجب ضمير عباسي تي ڪيس ڪراچي ۾ هلندو. ضمير عباسي جي خلاف 10 جون تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، انهي کي يلو لائن منصوبي ۾ 8 ارب روپين کان وڌيڪ مالي بي قاعدگين جي اينٽي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ٽرانسپورٽ کاتي جي يلو لائن منصوبي ۾ وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم جي انڪوائري رپورٽ تي مالي بي قاعدگيون سامهون آيون هيون جنهن ۾ يلو لائن منصوبي جي ٺيڪيدارن کي مالي قاعدن جي ڀڃڪڙي ساڍا 8 ارب روپين جي ايڊوانس ادائيگي ڪئي وئي.
تبصرے بند ہیں۔