اسلام آباد : پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سائبر فراڊ کان بچاءُ لاءِ ڊيجيٽل سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي.پي ٽي اي ايڊوائزريءَ ۾ واهپيدارن کي آن لائن اڪائونٽس جي تحفظ لاءِ مضبوط ۽ منفرد پاس ورڊ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ته شهري مضبوط ۽ محفوظ پاس ورڊ استعمال ڪرڻ جي عادت اپنائين. ايڊوائزريءَ موجب، ڊيجيٽل دنيا ۾ محفوظ رهڻ لاءِ “ٽو اسٽيپ ويريفڪيشن” (ٻه مرحليوار تصديق) کي فعال ڪريو، هڪ کان وڌيڪ اڪائونٽس لاءِ هڪ ئي پاس ورڊ استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪريو، ڇو ته ننڍا ۽ آسان پاس ورڊ سائبر خطرن ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ذاتي معلومات کي پاس ورڊ طور استعمال نه ڪريو؛ نالو، ڄمڻ جي تاريخ يا 1234 جهڙن آسان نمبرن کي پاس ورڊ بڻائڻ کان پاسو ڪريو، پنهنجو پاس ورڊ ڪنهن سان به شيئر نه ڪريو ۽ پاس ورڊز کي باقاعدگي سان تبديل ڪندا رهو. پي ٽي اي جي پڌرنامي (اعلاميي) ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته فنگر پرنٽ (آڱرين جي نشان) يا چهري جي سڃاڻپ جهڙن بائيوميٽرڪ فيچرز کي ترجيح ڏيو، مضبوط پاس ورڊ هڪ محفوظ ڊيجيٽل مستقبل جي ضمانت آهي، ڊيجيٽل سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ شهري پي ٽي اي جي هدايتن تي عمل ڪن.
تبصرے بند ہیں۔