جنگ بندي باوجود صهيوني فوج جا ڏکڻ لبنان تي فضائي حملا،2 ڄڻا شهيد

بيروت : اسرائيلي فوج پاران جنگ بندي معاهدي جي سخت خلاف ورزي جاري آهي، حزب الله سان جنگ بندي معاهدو لاڳو ٿيڻ جي باوجود اسرائيلي فوج جا لبنان تي حملا جاري آهن، لبنان جي ڏکڻ واري علائقي ۾ ڊرون حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد (فوت) ٿي ويا.ياد رهي ته اسرائيل ۽ حزب الله جي وچ ۾ لبنان ۾ جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو آهي، جيڪو مقامي وقت موجب شام 4 وڳي کان لاڳو ٿي چڪو آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب هي معاهدو آمريڪا ۽ قطر جي ثالثي سان طئي ٿيو، جنهن ۾ آمريڪا اسرائيل سان جڏهن ته قطر ايران سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.

تبصرے بند ہیں۔