لاهور: ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کان پوءِ پبلڪ ٽرانسپورٽرز ڀاڙن ۾ 12 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب پبلڪ ٽرانسپورٽرز طرفان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي کان پوءِ ڀاڙن ۾ 12 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
اهڙي قدم کان پوءِ لاهور کان روالپنڊي جو ڀاڙو 3500 روپين کان گهٽ ٿي 3080 روپيه، لاهور کان پشاور جو ڀاڙو 4200 روپين کان گهٽ ٿي 3700 روپيه، لاهور کان سرگودها جو ڀاڙو 1670 کان گهٽ ڪري 1470 روپيه ڪيو ويو آهي.
اهڙي طرح لاهور کان فيصل آباد جو ڀاڙو 1530 کان گهٽ ڪري 1350 روپيه، لاهور کان ملتان جو ڀاڙو 2900 کان گهٽ ڪري 2660 روپيه، لاهور کان بهاوالپور جو ڀاڙو 3500 روپين کان گهٽ ڪري 3080 روپيه مقرر ڪيو ويو آهي. سوات جو ڀاڙو 4330 کان گهٽ ڪري 3810 روپيه ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن لاهور کان مري جو ڀاڙو 4140 کان گهٽ ڪري 3650 روپيه، لاهور کان ڪراچي جو ڀاڙو 9720 روپين کان گهٽ ڪري 8560 روپيه جڏهن ته لاهور کان حيدرآباد جو ڀاڙو 9490 کان گهٽ ڪري 8350 روپيه ڪيو ويو آهي. نيون قيمتن جو فيصلو ٽرانسپورٽ جي مختلف روٽس تي فوري طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي.
مسافرن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کان پوءِ ڀاڙن ۾ گهٽتائي خوشي جوڳي آهي پر اهي ڀاڙا اڃان به عام ماڻهو جي پهچ کان پري آهن، مسافرن جو مطالبو آهي ته حڪومت کي گهرجي ته پاليسيون ٺاهڻ وقت غريب طبقي کي آڏو ضرور رکن.
تبصرے بند ہیں۔