ڪراچي: عالمي ۽ مقامي سطح تي سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي نظر اچي رهي آهي جڏهن ته چاندي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 43 ڊالر جي گهٽتائي سان 4 هزار 155 ڊالر 57 سينٽس جي سطح تي اچي وئي آهي. اهڙي گهٽتائي جا اثر مقامي مارڪيٽ تي به نمايان رهيا. جتي في تولو سون جي قيمت 43 روپين جي گهٽتائي سان 4 لک 37 هزار 993 روپين جي سطح تي اچي وئي آهي. اهڙي طرح مقامي سطح تي في 10 گرام سون جي قيمت 39 روپيه گهٽ ٿي 3 لک 74 هزار 166 روپين جي سطح تي اچي وئي آهي.
هوڏانهن چاندي جي قيمت ۾ تيزي ڏٺي وئي جنهن جي نتيجي ۾ في فولو چاندي جي قيمت 16 روپين جي اضافي سان 6 هزار 962 روپين جي سطح تي اچي وئي آهي جڏهن ته في 10 گرام چاندي جي قيمت به 14 روپين جي اضافي سان 5 هزار 909 روپين جي سطح تي اچي وئي آهي.
مارڪيٽ جي تجزيه ڪارن چيو آهي ته عالمي منڊي جا رجحان سڌو سنئون مقامي قيمتن تي اثر انداز ٿي رهيا آهن جنهن سبب قيمتي ڌاتن جي قيمتن ۾ اها هيٺ مٿانهين نظر آئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔