سنجيتا چوندي هئي ته مان سشانت وانگر جان ڏينديس، دوست جو انڪشاف

ممبئي : ٽي وي اداڪاره سنجيتا اگلي جي مبينا خودڪشي واري معاملي ۾ هاڻي سندس ويجهي دوست ۽ ساٿي اداڪاره گيتانجلي منگل هڪ انتهائي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي.اداڪاره جي مطابق، سنجيتا موت کان ڪيترا ئي مهينا اڳ سخت ذهني دٻاءُ ۾ هئي ۽ پاڻ کي نقصان پهچائڻ جون ڳالهيون ڪري رهي هئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي گيتانجلي ٻڌايو ته سنجيتا هن سال جنوري کان پريشان هئي، جيتوڻيڪ سندس ڪيريئر (Career) تمام سٺو هلي رهيو هو ۽ هوءَ پنهنجي خاندان جي اڪيلي ڪفيل هجڻ جي باوجود ڪنهن به مالي تنگي جو شڪار نه هئي. گيتانجلي ٻڌايو ته سنجيتا مون کي ميسجز تي چوندي هئي، “مون کي هيءَ زندگي نه کپي، هيءَ تمام ڏکي ۽ تلخ آهي، اسان اهو سڀ ڇو ڪري رهيا آهيون؟”هن هڪ خوفناڪ ڳالهه ٻڌائيندي چيو ته سنجيتا جي جبلت اهڙي هئي جو هوءَ اڪثر چيو ڪندي هئي ته “مان هڪ وڏي هيروئين بڻجي سشانت سنگھ راجپوت جي ورسي واري تاريخ تي ئي پنهنجي جان ڏيندس ته جيئن دنيا مون کي هميشه ياد رکي.” سندس چوڻ هو ته مون کي 100 سيڪڙو يقين آهي ته هوءَ ائين ڪري سگهي ٿي ۽ شايد هوءَ سوشل ميڊيا تي پنهنجي همعصر (پنهنجي عمر جي) ماڻهن جي ڪاميابي ڏسي به احساسِ ڪمتري جو شڪار ٿي رهي هئي.

تبصرے بند ہیں۔