اجرت ،ملازمن جي پگھار ۽ پينشن ۾ واڌ،سولر سسٽم تقسيم ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 3 کرب 56 ارب 20 ڪروڙن جو صوبائي بجيٽ 27-2026 پيش ڪري ڇڏيو. مزدور جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي جو اعلان ڪيو ويو جڏهن ته عوام ۽ ڪاروباري طبقي کي ريليف فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي ڪو به نئون ٽيڪس لاڳو ناهي ڪيو ويو.سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير ڪندي وزيراعليٰ سنڌ جو چوڻ هو ته الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان اڄ 13هين ڀيرو سنڌ جي بجيٽ پيش ڪري رهيو آهيان. مسلسل يارهن بجيٽون پيش ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز ۽ وڏي ذميواري آهي. ڪنهن ٻئي چونڊيل عوامي نمائندي کي مسلسل ايترا ڀيرا بجيٽ پيش ڪرڻ جو موقعو ناهي مليو.وزيراعليٰ سنڌ چيو ته مرحوم والدين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريان ٿو، مرحوم والدين جون ڏنل قدرون اڄ به منهنجي رهنمائي ڪن ٿيون. سنڌ جي عوام جي خدمت جي سفر ۾ گهر وارن جي قربانين ۽ سهڪار جو شڪرگذار آهيان. هن جو چوڻ هو ته شهيد ذولفقار علي ڀٽو جمهوريت ۽ سماجي انصاف جي بنيادن کي مضبوط ڪيو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جرات ۽ قربانيون اڄ به قوم لاءِ مشعلِ راهه آهن. هن چيو ته صدرِ مملڪت آصف علي زرداري جي رهنمائي ۽ مستقل حمايت تي سندس شڪرگذار آهيان. چيئرمين بلاول جو عوام دوست ترقي ۽ سماجي انصاف جو وژن اسان جي ترجيحن جو محور آهي. هارين، محنت ڪشن، عورتن ۽ نوجوانن جي فلاح حڪومت سنڌ جي ترقياتي ايسنڊا جو بنيادي حصو آهي. وزيراعليٰ سنڌ پاڪستان جي بهادر مسلح فوج کي سندن قربانين ۽ خدمتن تي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪ فوج وطن جي خودمختاري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي ضامن آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اصولي سفارتڪاري جو مضبوط آواز بڻجي اڀريو آهي، ايران بحران دوران پاڪستان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ امن جي فروغ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته اهو خطي ۾ امن ۽ ڳالهين جو داعي ملڪ آهي. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته صوبي جي باهمت ۽ ثابت قدم عوام کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. سندس چوڻ هو ته سنڌ آئين جي آرٽيڪل 164 تحت قومي استحڪام لاءِ 260 ارب رپين جي انتظامن تي اتفاق ڪيو. 260 ارب جي قومي معاونت جي باوجود سنڌ پنهنجي آئيني حقن ۽ ترقياتي ترجيحن جو تحفظ يقيني بڻايو. هن چيو ته سنڌ قومي مفاد ۾ ڪردار ادا ڪيو، اين ايف سي اوارڊ تحت پنهنجي حقن تي سمجهوتو ناهي ڪيو، سنڌ جي عوام هميشه ذميوار وفاقي هڪائي هجڻ جو ثبوت ڏنو. سنڌ حڪومت قومي ذميواري ۽ عوامي ترقي ٻنهي کي گڏ کڻي هلڻ جو مثال قائم ڪيو. وزيراعليٰ سنڌ نئين مالي سال 27-2026 جو 3 کرب 56 ارب 20 ڪروڙن جو بجيٽ پيش ڪندي عوام ۽ ڪاروباري طبقي کي ريليف فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس لاڳو ناهي ڪيو ويو. وزيراعليٰ سنڌ صوبي جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو اضافي ۽ پينشن ۾ به 7 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو جڏهن ته ايڊهاڪ ريليف الائونس 2022ع ۽ 2025ع ضم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو. وزيراعليٰ سنڌ بجيٽ تقرير دوران چيو ته سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 40 هزار مان وڌائي 43 هزار رپيا مادي وار مقرر ڪري رهيا آهيون. سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ‘سنڌ انٽرنيشنل فنانشل سينٽر’ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته فنانشل سينٽر انفراسٽرڪچر فنانس، اسلامڪ فنانس ۽ ڪلائيميٽ فنانس جو پليٽ فارم هوندو.وزيراعليٰ سنڌ ڪيٽي بندر کي عالمي بحري، لاجسٽڪس، انڊسٽريل ۽ توانائي جو مرڪز بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شهيد ذولفقار علي ڀٽو پورٽ قاسم جو بنياد رکيو هو.هن جو چوڻ هو ته شهيد بينظير جي وژن تحت هاڻي چيئرمين بلاول ڪيٽي بندر جي نئين معاشي تقدير لکندو.وزيراعليٰ جو چوڻ هو ته سنڌ مالي سال 26-2026ع ۾ 900 ارب رپين کان وڌيڪ جي رڪارڊ ترقياتي سرمائيڪاري ڪئي. ترقياتي پروگرام تحت رستا، اسپتالون، اسڪول ۽ پاڻي جا منصوبا مڪمل ڪيا ويا.هن چيو ته سنڌ حڪومت 952 ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪري عملي ترقي جو نئون مثال قائم ڪيو. 337 رستا، 179 بلدياتي، 175 پاڻي ۽ نيڪال، ۽ ڪيترا ئي سماجي منصوبا مڪمل ڪيا ويا. 900 ارب رپين جي ترقياتي پروگرام جا ثمر سنڌ جي هر ضلعي تائين پهچي رهيا آهن.

تبصرے بند ہیں۔