نيويارڪ : فٽبال ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ ارجنٽينا الجزائر کي ٻُڙي (صفر) جي ڀيٽ ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ الجزائر سان ميچ دوران ارجنٽينا جي اسٽار پليئر ليونل ميسي جو جادو هلي ويو ۽ هن الجزائر خلاف شاندار هيٽ ٽرڪ ڪئي.ليونل ميسي راند جي 17هين، 60هين ۽ 76هين منٽ ۾ بال حريف ٽيم جي ڄار (گول پوسٽ) تائين پهچايو، ۽ اهڙي طرح هو هن ميگا ايونٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هيٽ ٽرڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. ان سان گڏوگڏ هو 38 سال 357 ڏينهن جي عمر ۾ اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ ورلڊ ڪپ جو سڀ کان وڏي عمر وارو رانديگر پڻ بڻجي ويو آهي.ٻئي طرف، ارجنٽينا جي 3 گولن جي مقابلي ۾ الجزائر ڪو به گول اسڪور نه ڪري سگهيو.
تبصرے بند ہیں۔