بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي ۽ ڪاروباري شعبي کي وڏو رليف ڏنو ويو: عطاءُالله تارڙ

اسلام آباد:   وفاقي وزير اطلاعات، نشريات عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي، برآمد ڪندڙن ۽ ڪاروباري شغبي کي وڏو رليف ڏنو ويو آهي.

ايندڙ مالي سال 2026-27 جي بجيٽ جي حوالي سان آن لائن بريفنگ ڏيندي هن چيو ته هي بجيٽ اڳوڻن بجيٽن کان مختلف ۽ رليف تي ٻڌل آهي. ڪجهه ماڻهن کي صرف تنقيد جي عادت آهي اهي تنقيد براءِ تنقيد تي يقين رکن ٿا. پر مخالف به انهي بجيٽ جي تعريف ڪري رهيا آهن. الله تعاليٰ جي فضل وڪرم سان اهڙو بجيٽ تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مختلف طبقن کي رليف ڏنو ويو آهي.

اطلاعات واري وزير چيو ته ماضي ۾ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ مسلسل ملڪ جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون اڳڪٿيون ڪندا هئا پر انهي وقت ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا گهٽ ترين سطح تي هئا. درآمدي ضرورت پوريون ڪرڻ جي لاءِ وسيلا موجود نه هئا. وياج جي شرح هيٺ مٿانهين جو شڪار هئي، برآمد ڪندڙن جي لاءِ ايل سيز کولڻ ڏکيو هو مهانگائي 38 سيڪڙو تائين پهچي چڪي هئي.

هن چيو ته وياج جي شرح 22 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي. ناڻي جي مٽاسٽا ۾ به گهٽتائي اچي چڪي هئي. جڏهن ته ڪجهه سرڪاري شخصيتن انهي خدشي سبب موڪلون وٺي ڇڏيون هيون ته انهي جي دور ۾ ملڪ ڊيفالٽ نه ٿي وڃي. عطاءُالله تارڙ چيو ته اهڙي مشڪل حالتن ۾ مسلم ليگ(ن) جي قيادت معيشت کي سنڀاليو. نواز شريف جي وزن تحت وزيراعظم شهباز شريف معاشي معاملن کي اڳيان وڌايو ۽ آءِ ايم ايف سان ڪامياب ڳالهيون ڪيون.

هن چيو ته جيڪڏهن پيرس ۾ آءِ ايم ايف سان معاملا طئي نه ٿين ها ته امڪان هو ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي ها پر حڪومت معاشي استحڪام حاصل ڪيو ۽ 2 سال جي مسلسل محنت کان پوءِ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ مالي گنجائش پيدا ڪئي. هن چيو ته حڪومت ايف بي آر ۾ وڏي اصلاحات متعارف ڪرائي. سفارش ڪلچر ختم ڪيو. ٽيڪس وصولي جي نظام کي جوڙيو ويو ۽ ڪسٽمز کان وٺي انڪم ٽيڪس تائين مڪمل ميرٽ جو نظام لاڳو ڪيو.

وفاقي وزير چيو ته بندرگاهن تي فيس ليس اپريزل سسٽم لاڳو ڪيو ويو جنهن جي تحت درآمد ڪندڙن يا برآمد ڪندڙن جو ڪسٽمز آفيسر سان سڌو سنئون رابطو ختم ٿي ويو سمور عمل آن لائن انجام انجام ٿيندو انهي سان دير ۽ ناجائز مطالبن جي گنجائش ختم ٿي جيڪو ڪم اڳ هفتن ۾ ٿيندو هو هاڻ ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو آهي.

اطلاعات واري وزير بجيٽ ۾ ڏنل رليف جو ذڪر ڪندي چيو ته 50 هزار روپيه ماهوار پگهار تي ڪوبه ٽيڪس نه هوندو. جڏهن ته 50 هزار کان هڪ لک روپيه ماهوار آمدني تي صرف هڪ سيڪڙو ٽيڪس مقرر ڪيو ويو آهي. ٻين آمدني واري طبقي جي لاءِ به ٽيڪس جي شرحن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پگهاردار طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ حڪومت جو اهم واعدو هو جنهن کي پورو ڪيو ويو.

اطلاعات واري وزير ٻڌايو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام جي تحت نوجوانن جي لاءِ وڏي پيماني تي فنڊز رکيا ويا آهن. زرعي، ڪاروباري قرضن سان ساڍا 5 لک نوجوان فائدو حاصل ڪندا. فني تربيت جي ادارن کي مضبوط بنايو پيو وڃي. اسپورٽس ٽيبلنٽ هنٽ پروگرام کي وڌيڪ هٿي ڏني وئي آهي. دانش اسڪولز، دانش يونيورسٽي جهڙي منصوبن کي به اڳيان وڌايو پيو وڃي. هن ارشد نديم سميت ڪيترن ئي ڪامياب رانديگرن جو حوالو ڏيندي چيو ته اهڙا پروگرام نوجوان ٽيلنٽ کي اڳيان آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف، ناڻي واري وزير، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايس آءِ ايف سي ۽ ٻين سمورن لاڳاپيل ادارن جي گڏيل ڪوششن سان ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي. هن چيو ته اهي سمورا قدم ٽيم ورڪ جو نتيجو آهن جنهن ۾ محمد نوازشريف جو وزن شامل آهي. مسلم ليگ(ن) هميشه ملڪ جي خدمت ڪئي آهي. گذريل 2 سالن جي دوران وڌ کان وڌ رليف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪيو ويو.

 

تبصرے بند ہیں۔