تهران : ايراني هٿياربند فوج جي “خاتم الانبياء سينٽرل هيڊڪوارٽر” چيو آهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران اسرائيل ڏکڻ لبنان ۾ جنگ بندي جي 84 ڀيرا خلاف ورزي ڪئي آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر پاران جنگ جي خاتمي جي اعلان جي باوجود صهيونيزم (اسرائيلي) فوج ڏکڻ لبنان ۾ پنهنجون ڪارروايون جاري رکيون ٿيون اچي.خاتم الانبياء هيڊڪوارٽر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ پنهنجون ڪارروايون بند نه ڪيون ته کيس ايران جي طاقتور هٿياربند فوج پاران سخت ردعمل جو سامنو ڪرڻو پوندو.
جي سيون (G7) ملڪن پاران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ معاهدي جي آجيان
خبرن واري ايجنسي موجب، جي سيون ملڪن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته هو ايران ۽ آمريڪا جي معاهدي جي حمايت ڪن ٿا ۽ معاهدي تي اثرائتي عملدرآمد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بين الاقوامي سمنڊي لنگهن تان بنا ڪنهن پابندي يا ٽول (ٽيڪس) جي آمد و رفت عالمي واپار جو بنياد آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هو لبنان ۾ فوري ۽ مضبوط جنگ بندي ۽ لبناني قيادت پاران حزب الله کي هٿيار ڦٽا ڪرائڻ جي ڪوششن جي به حمايت ڪن ٿا. ان کان علاوه جي سيون ملڪن هرمز جي لنگهه (آبنائے ہرمز) تي انحصار گهٽ ڪرڻ ۽ توانائي جي ذخيرن ۾ اضافي جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو.
”8 جون تي ايران تي وڏو فضائي حملو ڪرڻ وارا هئاسين پر صرف هڪ ڪلاڪ اڳ روڪيو ويو“: اسرائيلي ائير چيف
اسرائيلي اخبار جي رپورٽ موجب، ائير فورس چيف جنرل اوهمر ٽشلر انڪشاف ڪيو آهي ته عارضي جنگ بندي کانپوءِ ايران ۽ اسرائيل جي ڇڪتاڻ ٻيهر وڌڻ تي 8 جون تي پوري اسرائيلي ائير فورس ايران تي وڏي حملي لاءِ تيار هئي. اسرائيلي ائير چيف موجب، اسرائيلي ائير فورس کي ايران جي سوين هدفن کي نشانو بڻائڻو هو پر حملو صرف هڪ ڪلاڪ اڳ روڪيو ويو. رپورٽ موجب، جنرل اوهمر ٽشلر چيو ته هڪ ڪلاڪ اڳ اسڪواڊرنز کي بريفنگ ڏيڻ دوران حملا ان ڪري روڪيا ويا ڇاڪاڻ ته صدر ٽرمپ نيتن ياهو کي حڪم ڏيندي چيو هو ته حملي جي صورت ۾ اسرائيل اڪيلو هوندو. آمريڪا ۽ ايران جي مفاهمتي ياداشت تي صحيحون جمعي تي ٿينديون
تبصرے بند ہیں۔