واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاران ايران کي 300 ملين ڊالر ڏيڻ جون ڳالهيون ڪوڙيون خبرون آهن. ڊونالڊ ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي بيان جاري ڪندي چيو ته ايران کي 300 ملين ڊالر ڏيڻ جي ڪوڙي خبر ڊيموڪريٽس پکيڙي آهي صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته ان وٽ ڪڏهن به نييوڪليئر (ايٽمي) هٿيار نه هوندا.واضح رهي ته آمريڪي نائب صدر جئي ڊي وينس چيو هو ته ايران کي تعميراتي مد ۾ 300 ارب ڊالر ڪجهه شرطن سان ملي سگهن ٿا، هي تعميراتي فنڊ خليجي اتحادي ملڪن پاران ڏنو ويندو. آمريڪي نائب صدر چيو ته ايران ذميوارين ۽ واعدن جي پاسداري ڪري ته ان فنڊ مان فائدو کڻي سگهي ٿو، ايران جا 24 ارب ڊالر جا ڄميل اثاثا بحال ڪرڻ معاهدي جي مسودي ۾ شامل ناهي.
آمريڪا ايران معاهدي جي جيءُ آجيان، اميد آهي ته معاهدي جا علائقائي معاملن تي هاڪاري اثر پوندا، حماس
فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل معاهدي جي جيءُ آيا (خيل مقدم) ڪئي آهي.حماس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اميد آهي ته معاهدي سان غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت ختم ٿيندي ۽ معاهدو علائقائي معاملن تي هاڪاري اثرن جو حامل هوندو.حماس چيو ته معاهدي سان لبنان ۽ ٻين محاذن تي ٿيندڙ حملن جي به رڪجڻ جي اميد آهي.حماس جو چوڻ آهي ته فلسطينين خلاف نسل ڪشي، بک مڙهڻ ۽ زبردستي بي دخل ڪرڻ واري اسرائيلي جنگ جاري رهڻ تائين خطي ۾ امن نٿو ٿي سگهي.
جيڪڏهن دشمن معاهدي يا ياداشت نامي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته سخت ردعمل ڏنو ويندو: ايراني فوج
ايران جي فوج اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا سان طئي ٿيل معاهدي جي تياري دوران هٿياربند فوج جي تيارين جي سطح اڳ کان وڌيڪ برقرار رکي ويندي.ايراني فوج جي ترجمان موجب، معاهدي جي مدت دوران ايران پنهنجي دفاعي صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو.ترجمان خبردار ڪيو ته جيڪڏهن دشمن معاهدي يا مفهمتي ياداشت جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ايران فوري ۽ سخت ردعمل ڏيندو ۽ خطي ۾ فوجي صورتحال کي معاهدي کان اڳ واري حالت ۾ واپس آندو ويندو.
هرمز جي پاڻي واري لنگهه (آبنائي هرمز) ۾ قشم ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ ڌماڪا ٻڌا ويا: ايراني ميڊيا
ايراني ميڊيا جي دعويٰ آهي ته آبنائي هرمز ۾ قشم ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ 3 ڌماڪا ٻڌا ويا آهن.ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڌماڪا ممڪنه طور تي ٽريفڪ مينيجمينٽ سان لاڳاپيل سرگرمين سبب ٿيا آهن.ڌماڪن بابت في الحال وڌيڪ ڪا معلومات سامهون ناهي اچي سگهي.
ايران جا 3 آئل ٽينڪر ۽ 2 مال بردار جهاز آمريڪي بحري ناڪي بندي مان گذري ويا: ايراني ميڊيا
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران جا 3 آئل ٽينڪر ۽ 2 سامان کڻندڙ جهاز آمريڪي بحري ناڪي بندي مان گذري ويا آهن.ان کان اڳ آمريڪي فوج اعلان ڪيو هو ته ايران جي بندرگاهن تي لڳايل بحري ناڪي بندي 19 جون تي معاهدي تي صحيحون ٿيڻ تائين برقرار رهندي. آمريڪي فوج پاران جاري ڪيل هدايت نامي موجب، ايران جي بندرگاهن ڏانهن اچڻ ۽ وڃڻ واري سموري بحري اچ وڃ تي پابندي آهي.آمريڪي اختيارين جهازن کي خبردار ڪيو آهي ته واضح هدايتون جاري ٿيڻ تائين ناڪي بندي کي پار ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن.
معاهدي سان يا ان کان سواءِ ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي: اسرائيلي وزيراعظم
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته معاهدي سان يا معاهدي کان سواءِ ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي، اسان اسرائيل کي تباهي کان بچائي ورتو پر اسان جي جدوجهد اڃا ختم ناهي ٿي.اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪا ايران معاهدي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ جيڪو ٿي سگهيو ڪنداسين، ٽرمپ ۽ مان ساٿي آهيون، ڪڏهن اسان متفق هوندا آهيون ته ڪڏهن اختلاف هوندو آهي. نيتن ياهو چيو ته لبنان ۾ ٺاهيل سيڪيورٽي زون ۾ اسرائيل جي موجودگي برقرار رهندي، اسرائيل ۾ هلندڙ سال ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندس ۽ کٽيندس.
تبصرے بند ہیں۔