محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

لاهور:  محرم الحرام 1448هه جي چنڊ جي رويت لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ لاهور ۾ منعقد ٿيندو.

اجلاس جي صدارت چيئرمين مرڪزي رويت هلال ڪميٽي ۽ خطيب بادشاهي مسجد مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد ڪندو جڏهن ته اجلاس عالمگيري بادشاهي مسجد ۾ ٿيندو.

اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري وزارت، صوبائي رويت هلال ڪميٽي جا ميمبر ۽ مختلف منصبن سان تعلق رکندڙ عالم شرڪت ڪندا. انهي کان علاوه اسپارڪو کاتو ۽ موسميات کاتي جا نمائندا به چنڊ جي صورتحال بابت ٽيڪنيڪي بريفنگ ڏيندا.

موسمياتي ماهرن موجب چنڊ جي عمر پوري نه ٿيڻ سبب اڄ چنڊ نظر اچڻ جا امڪان گهٽ آهن، پهرين محرم الحرام 1448هه جي شروعات 16 جون اربع ڏينهن ٿيڻ جو امڪان آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔