جنگ جي ڊگهي رات کان پوءِ امن جو سج اڀريو: جنيوا ۾ ايران آمريڪا معاهدي جو ميزبان پاڪستان هوندو: وزيراعظم
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنگ جي ڊگهي رات کان پوءِ امن جو سج اڀري ويو آهي، پاڪستان جو ڪردار تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکيو ويندو.
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايران ۽ آمريڪا لبنان سميت سمورن محاذن تي فوجي ڪارروايون فوري ۽ مستقل طور تي روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي. انهي تاريخي معاهدي جي باضابطه تقريب 19 جون تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندي، جنهن جي ميزباني پاڪستان ڪندو.
وزيراعظم انهي اڳڀرائي تي پاڪستاني قوم ۽ علامي برادري کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته اهو صرف ٻن ملڪن جي وچ ۾ معاهدو نه آهي پر امن، مڪالمي ۽ دانشمندي جي فتح آهي. هن پنهنجي قائد ميان نوازشريف، صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سمورين سياسي پارٽي جي اڳواڻن جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته قومي اتحاد ۽ يڪجهتي انهي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ايران جي سپريم ليڊر ۽ ايراني صدر کي به مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته انهن نهايت مشڪل حالتن ۾ تدبر، دانش ۽ صبر جو مظاهرو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ اڄ دنيا امن جي هڪ عظيم ڏينهن جي گواهه بڻجي آهي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان دنيا امن جو هڪ تاريخي سنگ ميل پار ڪيو آهي.
وزيراعظم ڳالهين واري عمل ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمدالثاني جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته انهي انتهائي مثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو. هن سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ چين جي صدر شي جن پنگ جو به ٿورو ادا ڪيو جنهن امن ڳالهين کي اڳيان وڌائڻ ۾ ڀرپور تعاون ۽ مدد فراهم ڪئي.
هن يورپ، برطانيه ۽ پاڪستان جي ٻين دوست ملڪن جو به انهي موقعي تي ٿورو ادا ڪيو. شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي اڄ جيڪا عزت ۽ وقار عطا ڪيو آهي قومون صدين انهي جي ڳولا ۾ رهنديون آهن. جنگ جي باهه کي روڪڻ ۽ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي مخلصانه ڪوششن جي سموري دنيا ۾ تعريف ڪئي وئي، تاريخ هميشه انهي ڪردار کي ياد رکندي. وزيراعظم اسيمبلي ميمبرن ۽ سموري پاڪستاني قوم کي انهي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن سموري دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ فخر جوڳو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي عظيم ۽ بهادر پٽ فيلڊ مارشل عاصم منير جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ اها تقرير اڻپوري رهندي. هن جنگ جا شعلا وسائڻ ۽ امن جي قيام لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي، ڪيترن ئي مشڪل مرحلن جي باوجود ثابت قدمي، مسلسل مشاورت ۽ ڪوششن جو سلسلو جاري رکيو جنهن جي نتيجي ۾ گذريل رات جنگبندي جو اعلان ڪيو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن خلوص، استقامت ۽ دانشمندي جو اهو سفر جاري نه رهي ها ته دنيا ۾ امن جو خواب پورو نه ٿئي ها، جنگ وڌيڪ تباهي جو سبب بڻجي ها.
شهباز شريف نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي به مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته انهي ڏينهن رات امن عمل کي ڪامياب بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو وزيراعظم وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي خدمتن جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته انهي ايران جي حوالي سان اهم معاملا نهايت ذميواري ۽ لگن سان انجام ڏنا. انهي سان گڏوگڏ پرڏيهي وزارت ۽ ٻين ادارن، کاتن جي آفيسرن جي پيشوارانه صلاحيتن کي به خراج تحسين پيش ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔