وفاقي بجيٽ ۾ سولر پينلز، اسٽيشنري ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ٽيڪس برقرار رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد:  ايندڙ مالي سال 2026-27 جي وفاقي بجيٽ ۾ سولر پينلز، اسٽيشنري شين ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ تي لڳايل ٽيڪسز ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب سولر پينلز تي سيلز ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌائي 19 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز واپس ورتي وئي آهي. جڏهن ته اسٽيشنري شين تي سيلز ٽيڪس ۾ اضافي جي گڏيل تجويز به بجيٽ جو حصو نه بڻجندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين جولائي 2026 کان اسٽاڪ مارڪيٽ تي لاڳو ٽيڪسن ۾ به ڪابه هيٺ مٿانهين نه ڪئي ويندي. ذريعن موجب پگهاردار طبقي جي لاءِ سڀني کان بلند انڪم ٽيڪس سليب جي حد ۾ اضافو ڪرڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته وڌيڪ آمدني رکندڙ ماڻهن تي لڳايل اضافي سرچارج يا ڏنڊ ختم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.

اهڙي طرح برآمد ڪندڙن جي لاءِ رليف پيڪيج جي تحت هڪ سيڪڙو ايڪسپورٽ ٽيڪس ختم ڪرڻ جو به امڪان آهي. ٽيڪس اختيارين موجب حڪومت بجيٽ تقرير جي دوران برآمدي شعبي جي لاءِ خصوصي قدمن جو اعلان ڪري سگهي ٿي. ياد رهي ته فنانس ايڪٽ 2024 جي تحت برآمد ڪندڙن کي فائنل ٽيڪس رجيم(ايف ٽي آر) مان ڪڍي نارمل ٽيڪس رجيم(اين ٽي آر) ۾   منتقل ڪيو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سيڪڙو ٽرن اوور ٽيڪس جي جڳهه برآمدي آمدني تي گهٽ کان گهٽ 2 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ سيڪڙو گهٽ کان گهٽ ٽيڪس ۽ هڪ سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس شامل آهي.

صنعتي، برآمندي حلقن حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته فائنل ٽيڪس رجيم کي هڪ سيڪڙو ٽرن اوور ٽيڪس سان گڏ اختياري بنيادن تي بحال ڪيو وڃي. سيلز ٽيڪس، ريفنڊز جي وقت تي ادائيگي يقيني بنائڻ ۽ خساري کي منهن ڏيندڙ برآمد ڪندڙن کي مناسب ٽيڪس رليف فراهم ڪيو وڃي.

هوڏانهن نارمل ٽيڪس رجيم ۾ رهندڙن کي ايف بي آر جي غير ضروري ڪارروائين کان تحفظ ڏيڻ جي لاءِ به هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي ويندي.

 

تبصرے بند ہیں۔