راولپنڊي: پاڪستان آرمي ايويئيشن جو ايم آءِ-17 هيليڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي ويو
پاڪ فوج جي شعبي براءِ تعلقاتِ عامه (آءِ ايس پي آر) موجب، پاڪستان آرمي ايويئيشن جو ايم آءِ-17 هيليڪاپٽر مظفرآباد ڀرسان حادثي جو شڪار ٿيو
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ايم آءِ-17 هيليڪاپٽر ٽيڪ آف دوران فني خرابي سبب ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هيليڪاپٽر ۾ سوار سمورا اهلڪار شهيد ٿي ويا
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته امدادي ۽ بحالي واريون ٽيمون فوري طور حادثي واري هنڌ پهچي ويون، جڏهن ته حادثي جي صحيح فني سببن جو پتو لڳائڻ لاءِ جاچ بورڊ (بورڊ آف انڪوائري) قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي
.آءِ ايس پي آر موجب، چيف آف ڊفينس فورسز هيليڪاپٽر حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ڪئي آهي
تبصرے بند ہیں۔