لنڊن : ٻارن کي سوشل ميڊيا جي محدود استعمال جي اجازت بابت گفتگو تي شوبز، سياست ۽ ٽيڪنالاجي جون اهم شخصيتون متفق نظر اچن ٿيون. ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا جي استعمال کي محدود ڪرڻ بابت جتي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ بحث مباحثو جاري آهي ۽ ڪجهه ملڪ ان حوالي سان قانون سازي به ڪري رهيا آهن، اتي ئي انهن معاملن تي شوبز، سياست ۽ ٽيڪنالاجي جون اهم شخصيتون به متفق نظر اچن ٿيون.ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما پنهنجي ڌيئرن کي فيس بڪ کان پري رکيو، جڏهن ته برطانوي شاهي خاندان ٻارن جي اسڪرين ٽائيم تي سخت پابندي جو حامي آهي. ٽيڪنالاجي جا وڏا نالا بل گيٽس، اسٽيو جابز ۽ مارڪ زڪربرگ به ٻارن جي آزادانه اسڪرين ٽائيم جي خلاف آهن، جڏهن ته يوٽيوب ۽ گوگل جي قيادت نيل موهن، سوسن وجيڪي ۽ سندر پچائي به ٻارن جي ڊيجيٽل پهچ کي محدود ڪرڻ ۽ 14 سالن کان اڳ اسمارٽ فون نه ڏيڻ جي حق ۾ آهن. جارج ڪلوني، ڪيرا نائيٽلي ۽ شڪيرا سميت ڪيترا ئي ٻيا عالمي ستارا ۽ فلمي اسٽار پڻ ٻارن کي سوشل ميڊيا کان پري رکڻ يا پهچ محدود ڪرڻ جي پاليسي جي حق ۾ آهن. ڊيجيٽل دور ۾ جتي سوشل ميڊيا ٻارن جي زندگي جو لازمي حصو بڻجندو پيو وڃي، اتي ئي دنيا جون نامور شوبز شخصيتون، حڪومتي اڳواڻ ۽ ارب پتي ڪاروباري ماڻهو هڪ مختلف رستو اختيار ڪندي نظر اچن ٿا.
تبصرے بند ہیں۔