اسلام آباد: وفاقي حڪومت جا قرض 81 هزار 930 ارب روپين تائين پهچي ويا.وفاقي حڪومت جي قرضن جا سڀ رڪارڊ ٽٽي ويا آهن ۽ هڪ سال ۾ وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ 6 هزار 994 ارب روپين جو اضافو ٿيو آهي. رپورٽ موجب، مرڪزي حڪومت جا قرض وڌي نئين بلند ترين سطح 81 هزار 930 ارب روپين تائين پهچي ويا آهن. ان کان علاوه، اپريل 2026ع جي هڪ مهيني ۾ مرڪزي حڪومت جو قرض 1406 ارب روپيا وڌيو.
تبصرے بند ہیں۔