ريسلنگ فائنل ۾ عائشه بلوچ جي ڀارتي حريف کي شڪست

ڪولمبو : ايشين گيمز جي ريسلنگ فائنل ۾ پاڪستاني رانديگر عائشه بلوچ ڀارتي حريف کي شڪست ڏئي گولڊ ميڊل (سوني جو تمغو) کٽي ورتو. عائشه بلوچ سريلنڪا ۾ جاري ايشين گيمز 2026 جي ريسلنگ فائنل ۾ ڀارتي حريف کي شڪست ڏني.فائنل مقابلي ۾ عائشه بلوچ جي تخنيقي (ٽيڪنيڪل) برتري نمايان رهي ۽ ڀارتي ريسلر سندس اثرائتي کيل جو مقابلو نه ڪري سگهي.ڀارتي حريف خلاف فيصلاڪن فتح کانپوءِ عائشه بلوچ شڪراني جو سجدو پڻ ادا ڪيو. وڪٽري پوڊيم تي پاڪستان جو سبز هلالي پرچم ڦڙڪائي عائشه بلوچ پوري قوم جو سِر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو.

تبصرے بند ہیں۔