اسلام آباد: وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي جي ملاقات بابت پڌرائي جاري وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڄ لاهور ۾ وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي۔
گهرو وزير وزيراعظم کي ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ ٿيل شنگهائي سهڪار تنظيم جي ڪانفرنس جي موقعي تي پنهنجي مختلف اهم ملاقاتن بابت آگاهه ڪيو۔ ان موقعي تي وزيراعظم ۽ گهرو وزير وچ ۾ گهرو وزير جي ايندڙ تهران دوري بابت پڻ صلاح مشورا ٿيا. وزيراعظم دوري بابت رهنمائي فراهم ڪئي۔ ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي امن امان ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي خيال ونڊيا ويا۔
گهرو وزير وزيراعظم کي ملڪ ۾ امن امان جي قيام ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني۔ وزيراعظم ملڪ ۾ امن امان جي قيام ۽ سيڪيورٽي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن وچ ۾ ويجهي رابطي ۽ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏنو۔
تبصرے بند ہیں۔