پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافي جي تجويز

اسلام آباد : وفاقي حڪومت مالي سال 27-2026 جي بجيٽ ۾ پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافو تجويز ڪري ڇڏيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي مشاورت ڪئي آهي، اها مشاورت جمعي جي ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪئي وئي، اهو غير رسمي اجلاس هو جنهن جي ڪوريج نه ڪئي وئي.اجلاس ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ خاص طور تي پي ايس ڊي پي، ٽيڪسز، پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جي معاملن تي مشاورت پڻ ڪئي وئي.وفاقي ناڻي واري وزير وزيراعظم شهباز شريف کي بجيٽ جي اهم معاملن تي بريفنگ ڏني. ذريعن موجب افراط زر جي شرح جي حوالي سان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو کان 15 سيڪڙو جي وچ ۾ اضافي جي تجويز آهي پر وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته امڪاني وسيلن جي روشني ۾ ورڪنگ ڪئي وڃي ته ملازمن کي ڪيترو رليف ڏئي سگهجي ٿو. ذريعن موجب سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين سان مشاورت کان پوءِ ڪندو.

تبصرے بند ہیں۔