آمريڪا جو ايران ۾ اڏن تي حملو، جواب ۾ پاسدارانِ پاران آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ

تهران /واشنگٽن : آمريڪا اڄ صبح سوير ايران ۾ گوروڪ ۽ قشم ٻيٽ (جزيره قشم) ۾ ريڊار تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته پاسدارانِ انقلاب آمريڪي حملي جي جواب ۾ خطي ۾ موجود آمريڪي هوائي اڏن کي ميزائلن سان نشانو بڻايو. آمريڪي سينٽ ڪام (CENTCOM) چيو آهي ته آمريڪي طيارن مبينه طور تي فائر ڪيل 4 ايراني ڊرونز جي جواب ۾ ڪارروائي ڪئي. آمريڪي فوج سمورن ايراني ڊرونز کي ڪيرائي ڇڏيو. آمريڪي سينٽ ڪام دعويٰ ڪئي آهي ته هرمز جي پٽي (آبناءِ هرمز) ۽ خليجي ملڪن ڏانهن فائر ڪيل ڪيترن ئي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز کي روڪيو ويو، جڏهن ته هن حملي ۾ ڪنهن به آمريڪي اهلڪار کي نقصان ناهي پهتو. ايراني خبرون ڏيندڙ اداري (نيوز ايجنسي) جو چوڻ آهي ته هرمز جي پٽي ويجهو آمريڪي بحري جهازن جي موجودگي تي وارننگ فائر ڪيا ويا هئا. ايراني پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملي جي جواب ۾ خطي ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته 4 تيل جي ٽينڪرن تي به فائرنگ ڪئي وئي جيڪي بنا اجازت هرمز جي پٽي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. پاسدارانِ انقلاب چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي ڪارروايون جاري رهيون ته هرمز جي پٽي کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويندو، ۽ هرمز جي پٽي جي مڪمل بندش جو ذميوار آمريڪا هوندو. آمريڪي فوج موجب، ايران 7 ميزائل فائر ڪيا، جن مان 6 کي روڪيو ويو، جڏهن ته ستون ميزائل نشانگي تائين پهچي نه سگهيو.

تبصرے بند ہیں۔