لاهور: سيريز جي بهترين رانديگر (پليئر آف دي سيريز) جو ايوارڊ کٽيندڙ پاڪستاني آل رائونڊر عرفات منهاس جو چوڻ آهي ته مان پنهنجي پرفارمنس مان تمام گهڻو خوش آهيان.پاڪستاني آل رائونڊر عرفات منهاس چيو ته خوشي آهي ته منهنجي ڪارڪردگيءَ سان ٽيم کي فائدو پهتو، سڄي سيريز ۾ راند سٺي رهي، هن سيريز لاءِ ڀرپور تياري ڪئي هئي جنهن جو کيس فائدو مليو. عرفات منهاس وڌيڪ چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي ته اڳتي ايندڙ ميچن ۾ پنهنجي پرفارمنس کي اڃا به وڌيڪ بهتر بڻايان.
تبصرے بند ہیں۔