واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان ايراني قيادت، نيوي ۽ فضائيہ کي ختم ڪري ڇڏيو، ايران پاران آمريڪي فوج تي حملو ٻيهر جنگ شروع ٿيڻ جو جواز بڻجي سگهي ٿو.صدر ٽرمپ چيو ته ايران سان ڊيل ڪرڻ کان سواءِ به افزودہ (سڌاريل) يورينيم حاصل ڪري سگهجي ٿو، ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته مان ايراني سپريم ليڊر سان ملاقات ڪرڻ نٿو چاهيان، پر ايران سان معاهدي جي صورت ۾ سپريم ليڊر سان ملاقات ممڪن آهي. آمريڪي صدر چيو ته ايران سان معاهدو ٿيڻ جي صورت ۾ هرمز لنگهه کي فوري طور تي کوليو ويندو. توهان کي جلد معلوم ٿي ويندو ته ايران سان معاهدو ڇا آهي، ايران سان تڪرار ۾ هر حال ۾ سوڀ اسان جي ئي ٿيندي. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته لبناني صورتحال تي نظر رکڻي پوندي، امن قائم ٿيڻ لبنان لاءِ بهتر هوندو، ۽ حزب الله سان لبنان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه، آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته يوڪرين جو صدر زيلينسڪي ۽ روسي صدر پيوٽن پاڻ ۾ ملاقات ڪن ته اهو تمام بهترين ٿيندو، يوڪرين تڪرار جي حل لاءِ ٽياڪڙي (مصالحت) ضروري آهي. هن وڌيڪ اميد ظاهر ڪئي ته ڀارت سان تجارتي ڊيل به جلد ممڪن آهي.
تبصرے بند ہیں۔