ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ گھٽتائي

اسلام آباد : ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائيءَ ۾ معمولي گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
وفاقي شماريات کاتي (اداره شماريات) موجب، هفتيوار مهانگائي ۾ 0.56 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ مهانگائي جي مجموعي سالياني شرح 14.75 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هڪ هفتي دوران 22 ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي
شماريات کاتي ٻڌايو ته هاڻوڪي هفتي 10 شيون سستيون ٿيون ۽ 19 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون.
هڪ هفتي ۾ بصر 28.16 سيڪڙو ۽ پٽاٽا 21.91 سيڪڙو مهانگا ٿيا، جڏهن ته اٽو، گهه، ڪوڪنگ آئل، تازو کير ۽ ايل پي جي (LPG) جي قيمتن ۾ به واڌ ٿي
ان کان علاوه، هڪ هفتي ۾ چڪن (مرغي جو گوشت) 9.48 سيڪڙو ۽ ٿوم 9.13 سيڪڙو سستي ٿي، جڏهن ته ڊيزل 7.01 سيڪڙو ۽ پيٽرول 6.80 سيڪڙو سستو ٿيو.

تبصرے بند ہیں۔