بجيٽ ۾ ڪراچي ۾ جاري منصوبن لاءِ فنڊ رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ ڪراچي ۾ جاري مختلف منصوبن لاءِ فنڊ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
دستاويز موجب، وفاقي حڪومت ڪراچي جي گرين لائن بس لاءِ هڪ ارب 98 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته شهر ۾ رستن، گهٽين، نيڪال ۽ پاڻي جي مختلف منصوبن لاءِ به فنڊ تجويز ڪيا آهن.
ضلعي غربي ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ 26 ڪروڙ رپيا، ناظم آباد ۽ لياقت آباد ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ 37 ڪروڙ رپيا، لانڍي، زمان ٽائون ۽ ڪورنگي ۾ رستن، پاڻي، گندي پاڻي جي نيڪال ۽ پلي گرائونڊز لاءِ 35 ڪروڙ رپيا تجويز ڪيا ويا آهن.
دستاويز موجب، ضلعي وسطي ۾ رستن، گهٽين، پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ 4 ڪروڙ 50 لک رپيا، جڏهن ته ضلعي ڪورنگي ۽ ملير ۾ رستن، گهٽين ۽ نيڪال لاءِ 5 ڪروڙ رپيا تجويز ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ ڪجهه نوان منصوبا به شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر لاءِ 40 ڪروڙ رپيا، نيشنل ريسرچ اينڊ فرٽيلٽي ڪيئر جي اپ گريڊيشن واري منصوبي لاءِ 39 ڪروڙ رپيا ۽ ڪراچي ۾ نيشنل يونيورسٽي آف نرسنگ جي قيام لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي تجويز ڏني وئي آهي.

تبصرے بند ہیں۔