نيپرا ڪمال، بجلي هڪ پاسي سستي ته ٻئي پاسي مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد : نيپرا ڪمال ڪندي هڪ طرف بجلي سستي ته ٻئي طرف مهانگي به ڪري ڇڏي آهي؛ فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 1 رپيو 19 پئسا في يونٽ اضافو، جڏهن ته ٽه-ماهي (سہ ماھي) ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 1 رپيو 98 پئسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي.بجلي جي قيمت ۾ 1 رپيو 19 پئسا في يونٽ اضافو اپريل جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي، قيمتن ۾ هن اضافي جو اطلاق ملڪ جي سمورن بجلي واهپيدارن (صارفين) تي ٿيندو. قيمتن ۾ اضافي واري هن فيصلي کان چارجنگ اسٽيشن، لائف لائن واهپيدار ۽ پري-پيڊ واهپيدار مستثنيٰ هوندا، جڏهن ته اهو اضافو واهپيدارن کان جون جي بلن ۾ وصول ڪيو ويندو. نيپرا قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي، نيپرا سال 2026ع جي پهرين ٽه-ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي سستي ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت بجلي جي قيمت ۾ 1 رپيو 98 پئسا في يونٽ ڪمي ڪئي وئي آهي. نيپرا ٽن مهينن لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ ڪميءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، هن ٽه-ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واهپيدارن کي 67 ارب رپين کان وڌيڪ جو ريليف ملندو. ٽه-ماهي ايڊجسٽمينٽ جو اطلاق جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي بلن تي ٿيندو، پر بجلي جي قيمت ۾ هن ڪميءَ جو اطلاق لائف لائن، انڪريمينٽل ڪنزپشن پيڪيج ۽ پري-پيڊ واهپيدارن تي نه ٿيندو.

تبصرے بند ہیں۔