عالمي برادريءَ کان ڀارت جا تڪراري پاڻي منصوبا روڪرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد: پاڪستان پاران ڀارت جي چناب اپ لنڪ ٽنل منصوبي تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته چناب درياءَ جي پاڻيءَ جو رخ ٻئي درياهي نظام ڏانهن موڙڻ سنڌ طاس معاهدي جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، هي قدم ويانا ڪنوينشن ۽ بين الاقوامي آبي قانونن جي اصولن جي به خلاف ورزي آهي. ترجمان موجب، ڀارت جي سلال ڊيم جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش وڌائڻ واري منصوبي تي به ڳڻتي آهي، هي منصوبو ڀارت کي پاڻيءَ جي وهڪري تي اهڙو ڪنٽرول ڏئي سگهي ٿو جيڪو سنڌ طاس معاهدي تحت قبول ڪرڻ جوڳو ناهي. ترجمان جو چوڻ هو ته اهي منصوبا ثابت ڪن ٿا ته ڀارت پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، عالمي برادري ڀارت تي زور ڏئي ته هو پاڪستان جي حصي جو پاڻي روڪڻ يا ان جو رخ موڙڻ وارا منصوبا ختم ڪري ۽ سنڌ طاس معاهدي تي مڪمل ۽ سچائيءَ سان عملدرآمد بحال ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجن آبي حقن ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ سڀئي موجود آپشن استعمال ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.

تبصرے بند ہیں۔