عامر خان ٽيون ڀيرو گهوٽ بنجڻ لاءِ تيار، شادي جي تاريخ سامهون اچي وئي

ممبئي: بالي ووڊ اسٽار عامر خان ٽيون ڀيرو گهوٽ بنجڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب 61 ورهين جو اداڪار ايندڙ مهيني پنهنجي گرل فرينڊ گوري سپراٽ سان ٽئين شادي ڪري رهيو آهي.

اها شادي 5 جولاءِ تي انتهائي نجي ۽ سادگي سان ٿيندي جنهن ۾ صرف ٻنهي خاندانن جا ويجها ماڻهو ۽ ڪجهه خاص دوست شرڪت ڪندا جڏهن ته ڪورٽ ميرج يا گهر تي ئي صحيحون ڪري انهي رستي کي باقاعده نالو ڏنو ويندو.

رپورٽن ۾ ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته عامر خان ۽ گوري سپراٽ گذريل هڪ سال کان وڌيڪ وقت کان گڏ هڪ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن.

ياد رهي ته عامر خان گذريل سال پنهنجي 60هين سالگره جي موقعي تي ممبئي ۾ ميڊيا جي سامهون پهريون ڀيرو گوري سپراٽ کي پنهنجي گرل فرينڊ جي طور تي متعارف ڪرايو هو. اها عامر خان جي ٽئين شادي هوندي. انهي کان اڳ هن 1986ع ۾ رينا دته سان شادي ڪئي هئي جيڪا 2002 ۾ ختم ٿي، ان مان عامر خان کي 2 ٻار جنيد ۽ آئرا آهن.

انهي کان پوءِ عامر خان 2005 ۾ ڊائريڪٽر ڪرن رائو سان ٻئي شادي ڪئي انهي کان 2021 ۾ عليحدگي اختيار ڪري ورتي پر هاڻ ٻئي گڏجي پنهنجي پٽ آزاد جي  پرورش ڪري رهيا آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔