دبئي : عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل (خام تيل) جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.بين الاقوامي تجارتي انگن اکرن موجب، برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ تقريبن 1 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اهو 97 ڊالر في بيرل ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. اهڙي طرح ڊبليو ٽي آءِ (WTI) خام تيل جي قيمت به وڌي 95 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي. بين الاقوامي تجارتي انگن اکرن موجب، يو اي اي (UAE) مربن جي في بيرل قيمت 96 ڊالر ٿي وئي آهي. ماهرن مطابق، ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اها تازي واڌ وچ اوڀر (مشرقِ وسطيٰ) جي صورتحال، سپلاءِ بابت خدشن ۽ عالمي گهرج ۾ اضافي سبب سامھون آئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔