اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
نجي چينل جي رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف سان ملڪ جي مشهور صنعتڪارن ۽ مشهور ڪاروباري شخصيتن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي.
انهي موقعي تي ڪاروباري طبقي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. حڪومت اهڙين صنعتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهي جنهن سان ملڪ جي پيداوار وڌي، برآمدات ۾ اضافو ۽ نوڪرين جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ٿين.
وزيراعظم چيو ته ڪاروبار دوست پاليسين سان ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ٻاهرين سرمائيڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. برآمدات تي ٻڌل ترقي جي رستي تي گامزن آهيون. اهائي اسان جي معاشي پاليسي نتيجو آهي جڏهن ته غير رسمي معيشت کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو پيو وڃي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته صنعت، زراعت ۽ آءِ ٽي شعبن ۾ ترقي سان معيشت کي وڌيڪ استحڪام ملندو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. نوجوانن لاءِ ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت جا پروگرام شروع ڪيا آهن انهي پروگرام سان به روزگار ملڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ قومي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهبو.
هن مشڪل معاشي حالتن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي ڪاروباري برادري جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته حڪومت ۽ نجي شعبي جي مضبوط ڀائيواري ئي معاشي ترقي جي ضمانت آهي ۽ پاڪستاني معيشت بابت پاليسي سازي ۾ مشاورت انتهائي اهميت جوڳي آهي.
انهي موقعي تي ڪاروباري اڳواڻن وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ معاشي بحالي جي سفر ۽ بهتر مالياتي انتظام تي ڀروسي جو اظهار ڪندي چيو ته ٽيڪس اصلاحات ۽ ڪاروباري آسانين کي هٿي ڏيڻ جي قدم جي آجيان ڪئي ۽ انهي سان گڏ ئي ڊيجيٽل ادائيگين ۽ دستاويزي معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومتي منصوبن جي پڻ تعريف ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔