لاهور: پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره مومنه اقبال جي شادي جون تقريبون سوشل ميڊيا تي توجھ جو مرڪز بڻيل آهن، جن کي مداحن پاران بيحد پسند ڪيو پيو وڃي.لاهور ۾ ٿيندڙ نڪاح جي تقريب جي فوٽو شوٽ سوشل ميڊيا تي دھوم مچائي ڇڏي آهي. تصويرن ۾ مومنه اقبال روايتي ڪنوار جي روپ ۾ انتهائي خوبصورت نظر اچي رهي هئي، هن ڊل گولڊن (مٽرايل سونهري) رنگ جو خوبصورت لھنگا پاتل هو، جنهن تي نفيس ۽ ڳري ڪڙهائي ٿيل هئي. ان سان گڏ هن هم رنگ چولي ۽ ٻيڙو (ڊوپٽو) اوڍيو هو، جڏهن ته رسٽ (تامي) رنگ جي واڌو ڊوپٽي هن جي برائيڊل انداز کي وڌيڪ منفرد بڻائي ڇڏيو. اداڪاره پنهنجي روايتي ڪنوار جي لڪ کي نٿ، ٽيڪي، جھومر، گولڊ چوڪر، هار ۽ سونهري ڪنگڻن سميت ڳري زيورن سان مڪمل ڪيو، جيڪو سندس شخصيت کي وڌيڪ دلڪش بڻائي رهيو هو. ٻئي طرف، سندس مڙس حمزه حبيب اڇي رنگ جي ڪلاسيڪل شيرواني ۽ اڇي توڙي سونهري ڪلي (پڳ) ۾ نظر آيو، جنهن هن جوڙي جي روايتي انداز کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. مومنه اقبال پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جو هڪ مشهور نالو آهي ۽ سندس انسٽاگرام تي لڳ ڀڳ 20 لک فالوورز آهن. هن پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن، جن ۾ ”ميري هم نشين“، ”دو ڪناري“، ”توبه“، ”احسان فراموش“، ”عهدِ وفا“، ”پارلر والي لڙڪي“ ۽ ”دستڪ“ شامل آهن. نڪاح جون تصويرون سامھون اچڻ کانپوءِ مداح ۽ شوبز شخصيتون نئين پرڻيل جوڙي کي مبارڪباد ۽ نيڪ تمنائون پيش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مومنه اقبال جو دلڪش برائيڊل لڪ سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ بڻجي ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔