اسلام آباد: وفاقي حڪومت طرفان ايندڙ مالي سال 2026-27 جو وفاقي بجيٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو شيڊول تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته اربع تي گهرايل قومي اقتصادي ڪونسل جو اجلاس به ملتوي ڪيو ويو آهي جنهن سبب هلندڙ مالي سال جي اقتصادي ڪارڪردگي جي حوالي سان اقتصادي سروي 4 جون ۽ وفاقي بجيٽ 5 جون تي پيش نه ڪيو ويندو.
قومي اقتصادي ڪونسل جي ذريعن موجب 3 جون تي ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي جنهن جو باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جي نئين اڃان تائين مقرر نه ٿي سگهي آهي.
وفاقي بجيٽ 8 يا 12 جون تي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي پر قومي اسيمبلي جي ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي بجيٽ 10 جون تي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. قومي اقتصادي ڪونسل جي اجلاس جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔