اسلام آباد: ايندڙ مالي سال کان سيلز ٽيڪس جي چوري ۽ مبينا اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) هڪ جامع ۽ جديد نظام متعارف ڪرائڻ جي تياري شروع ڪري ڏني آهي.ذرائع موجب، تجويز ڪيل نظام تحت ملڪ ۾ سامان جي رسد (ترسيل) صرف ايف بي آر وٽ رجسٽرڊ ٽرڪن ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهندي، جڏهن ته غير رجسٽرڊ ڪمرشل گاڏين کي موٽر ويز، جي ٽي روڊ ۽ ٻين اهم شاهراهن تي داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي. منصوبي موجب، ايندڙ مالي سال ۾ سمورن ڪمرشل گاڏين تي خاص “ڪارگو ٽريڪنگ ٽيگس” لڳايا ويندا، جن جي ذريعي انهن جي اچ وڃ جي نگراني ڪئي ويندي. ان قدم جو مقصد ٽيڪس چوري ۽ غير قانوني واپار کي روڪڻ ٻڌايو پيو وڃي. ذرائع جو چوڻ آهي ته فيڪٽريون ۽ ڪارخانا صرف ايف بي آر وٽ رجسٽرڊ ٽرڪن ۾ ئي سامان لوڊ ڪري سگهندا، جڏهن ته غير رجسٽرڊ گاڏين خلاف ڪارروائي ۽ ڏنڊ (جرماني) جي تجويز به زيرِ غور آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته نئين نظام تحت سموري ڪمرشل ٽرانسپورٽ کي ايف بي آر جي مرڪزي ڊيٽا سسٽم سان ڳنڍيو ويندو، ته جيئن هر گاڏي ۽ ان جي ذريعي منتقل ٿيندڙ سامان جو مڪمل رڪارڊ موجود هجي. عملدارن موجب، ان قدم سان نه صرف مبينا سيلز ٽيڪس چوري ۾ تقريبن 200 ارب رپين تائين گهٽتائي جو امڪان آهي، بلڪه اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ڪسٽمز روينيو ۾ به بهتري متوقع آهي. ذرائع جو چوڻ آهي ته هي منصوبو ايندڙ مالي سال دوران مرحليوار لاڳو ڪيو ويندو، جڏهن ته قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ گاڏين خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
تبصرے بند ہیں۔