قلعه عبدالله ۾ فائرنگ، 4 ڄڻا فوت، 2 سخت زخمي

ڪوئيٽا:  قلعه عبدالله جي علائقي ميزئي اڏا ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي ويا آهن. فائرنگ جو اهو واقعو ميزئي اڏا جي نادرا مارڪيٽ ۾ واقع هڪ هوٽل ۾ پيش آيو. فوت ٿيندڙن ۾ داد محمد ڪاڪڙ، سيد جعفر آغا، مطيع الله ۽ متڪ آغا شامل آهن. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري ۽ امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون.پوليس اختيارين ٻڌايو ته فائرنگ ڪرڻ کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

تبصرے بند ہیں۔