قلعه عبدالله ۾ فائرنگ، 4 ڄڻا فوت، 2 سخت زخمي
ڪوئيٽا: قلعه عبدالله جي علائقي ميزئي اڏا ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي ويا آهن. فائرنگ جو اهو واقعو ميزئي اڏا جي نادرا مارڪيٽ ۾ واقع هڪ هوٽل ۾ پيش آيو. فوت ٿيندڙن ۾ داد محمد ڪاڪڙ، سيد جعفر آغا، مطيع الله ۽ متڪ آغا شامل آهن.…