شڪارپور: پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي پنجاب مان عورتن کي ڳالهين ۾ ڦاسائي (ورغلائي ) وڪرو ڪندڙ گينگ کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب وقت تي ڪارروائي ڪندي عورتن جي خريد و فروخت ۽ انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گينگ جي مرڪزي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن ۾ هڪ مرد ۽ 5 عورتون شامل آهن، جوابدارن وٽان موبائل فون پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.هنن ٻڌايو ته اطلاع مليو هو ته جوابدار عاشق جتوئي پنجاب جي مختلف شهرن مان عورتن کي آڻي کين وڪرو ڪندو آهي، جوابدارن جو هي مضبوط گينگ عورتن کي ورغلائي انهن جي خريد و فروخت مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪندو هو. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته اطلاع تي نيو فوجداري ٿاڻي جي پوليس فوري ڪارروائي ڪندي ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائيءَ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔