جارحيت ٻيهر شروع ٿي ته حيران ڪندڙ جواب ڏبو،ايران

تهران : ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جارحيت ٻيهر شروع ڪئي وئي ته هو جنگ مان سکيل شين کي استعمال ڪندي وڌيڪ حيرت انگيز جواب ڏيندو.سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته ايران خلاف جنگ ڪرڻ کان ڪجهه مهينا پوءِ، آمريڪي ڪانگريس تسليم ڪيو آهي ته جنگ ۾ اربين ڊالرن جي ماليت جا درجنين جنگي جهاز تباهه ٿي ويا.هن چيو ته اها به تصديق ڪئي وئي آهي ته ايراني فوج پهرين طاقت هئي جنهن سڀ کان اهم آمريڪي ايف-35 جهاز کي ڪيرايو.

‘مناب اسڪول بابت آمريڪي دعويٰ بي بنياد، من گھڙت ۽ خوفناڪ ڪوڙ آهي’ ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان
ايران مناب اسڪول بابت آمريڪي دعويٰ کي بي بنياد، من گھڙت ۽ خوفناڪ ڪوڙ قرار ڏنو آهي.آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ۾ نشانو بڻايل مناب اسڪول انقلابي گارڊز جي ميزائل لانچنگ سائيٽ جي ويجهو هو.ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل باغائي ايڪس تي هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته هي هڪ بي بنياد، من گھڙت دعويٰ ۽ خوفناڪ ڪوڙ آهي.هن چيو ته ان حقيقت کي رد نٿو ڪري سگهجي ته اسڪول تي آمريڪي حملي ۾ شاگرد ۽ استاد سميت 170 ماڻهو شهيد ٿيا، جيڪو هڪ شهري علائقي ۾ ۽ اسڪول جي وقت دوران واقع هو.ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته هن حملي جي ذميوارن کي بين الاقوامي قانون تحت انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

آمريڪا هندي سمنڊ ۾ ايران سان ڳنڍيل آئل ٽينڪر کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو: آمريڪي اخبار
آمريڪا هندي سمنڊ ۾ اسڪائي ويو نالي هڪ ايران سان ڳنڍيل آئل ٽينڪر کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي.آمريڪي اخبار موجب، آمريڪا مارچ ۾ اسڪائي ويو ٽينڪر کي ايراني تيل جي نقل و حمل کان منع ڪيو هو.آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٽينڪر ۾ فيبروري ۾ ايراني ٻيٽ خارگ کان 10 لک بيرل کان وڌيڪ خام تيل لوڊ ڪيو ويو هو.

تبصرے بند ہیں۔