پاڪستان سميت 10 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن طرفان گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي حملن جي مذمت

اسلام آباد:  پاڪستان سميت مختلف ملڪن غزه امدادي کڻي ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

گڏيل مذمتي بيان جاري ڪندڙ 10 ملڪن ۾ پاڪستان، ترڪيه، بنگلاديش، برازيل، ڪولمبيا، انڊونيشيا، اردن، ليبيا، مالديپ ۽ اسپين جا پرڏيهي وزير شامل آهن.

گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گلوبل صمود فلوٽيلا هڪ پرامن شهري ۽ انساني همدردي تي ٻڌل قدم آهي، انهي جو مقصد فلسطينين جي سنگين انساني پريشانين تي عالمي ڌيان ڇڪائڻ آهي. مذمتي بيان ۾ شهرين، ٻيڙين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي نشانو بنائيندڙ قدمن جي مذمت ڪئي وئي.

گڏيل مذمتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻيڙين تي حملا، ڪارڪنن جي گرفتاري، عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي، اسرائيل گرفتار سمورن ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪري، گرفتار سمورن ڪارڪنن جي حقن ۽ وقار جو مڪمل احترام يقيني بنايو وڃي.

ڏهن ملڪن جي گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرامن انساني همدردي جي سرگرمين تي حملا عالمي قانون ۽ آزاد جهاز راني جي ڀڃڪڙي آهن، عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها پنهنجون قانوني ۽ اخلاقي ذميواريون پوريون ڪري. بيان ۾ مطالبو ڪيو ويو ته اهڙين اسرائيلي ڀڃڪڙين تي احتساب يقيني بنائڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن ۽ اسرائيل کي سزا کان ڇوٽ جي خاتمي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.

 

تبصرے بند ہیں۔