اپوزيشن گرينڊ الائنس جمعي تي مهانگائي خلاف سموري ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  اپوزيشن گرينڊ الائنس جمعي جي ڏينهن سموري ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اعليٰ قيادت جو اهم اجلاس محمود خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو.

اجلاس ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي، معاشي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ حڪومت تي گورننس، مهانگائي، بيروزگاري ۽ امن امان ۾ ناڪامي جا الزام لڳايا ويا. جڏهن ته اجلاس ۾ اپوزيشن اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ آئين جي بالادستي تي زور ڏنو.

اجلاس ۾ اپوزيشن گرينڊ الائنس مطالبو ڪيو ته سياسي قيدين جي آزادي ۽ باني چيئرمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ملڪ گير مهانگائي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾  اضافي جي به مذمت ڪئي وئي. پڌرائي موجب گرينڊ الائنس جي تحت جمعي تي سموري ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو جنهن جي تحت سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ احتجاجي ريليون ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ چيو ويو ته آئين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جعلي اسيمبلي ۽ غير آئيني قانونسازي جي خلاف به احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔