اسلام آباد: سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمدالمالڪي اڄ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي آهي.
پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب انهي اهم ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. انهي موقعي تي نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ارادن جو اظهار ڪيو.
ملاقات جي دوران تازو علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي سفير نواف بن سعيد احمدالمالڪي خطي ۾ امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔