سنڌ جي ناليواري شاعره آپا مريم مجيدي سدائين لاءِ وڇڙي وئي

اسلام آباد : سنڌ جي ناليواري شاعره آپا مريم مجيدي سنڌ کان سدائين لاءِ وڇڙي وئي، آپا مريم مجيدي سنڌ جي ناليواري شاعر سائين محمد خان مجيدي جي نياڻي هُئي پاڻ ٺٽي جي ڳوٺ قيصر خان جتوئي لڳ جهوڪ شريف ۾ 15 جُون 1943ع تي جنم ورتو، پاڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ۽ ايم ايڊ جي ڊگري حاصل ڪئي، سندس شاعري جا ٻه ڪتاب سروم دُکم دُکم ( 1986ع) ۽ نيرانا ئي نيڻ 2012ع ۾ شايع ٿيا سندس ڪتابن کي مرزا قليچ بيگ، سنڌالاجي بهترين شاعري ايوارڊ ۽ سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ مليا. سندس هڪ ڀيڻ حنيفه مجيدي پُڻ تعليم ۽ سماجي خدمتن سان واڳيل رهي، آپا مريم مجيدي جي لاڏاڻي تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي جڏهن ته سنڌ جي ثقافت کاتي جي اڳوڻي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو آپا مريم مجيدي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس لاڏاڻو سنڌي ادب، شاعري ۽ فڪري دنيا لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، آپا مريم مجيدي پنهنجي قلم وسيلي سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ عورتن جي احساسن کي انتهائي خوبصورتي سان اجاگر ڪيو، سندن شاعري ۽ لکڻين ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو، محبت، درد ۽ سماجي شعور نمايان نظر ايندو هو. سسئي پليجو چيو ته آپا مريم نه رڳو هڪ بهترين شاعرہ هئي، پر هڪ باوقار دانشور ۽ سماجي شخصيت پڻ هئي، جنهن پنهنجي سموري زندگي ادب ۽ علم جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي، هن چيو ته عوامي شاعر محمد خان مجيدي ۽ آپا مريم مجيدي سان پليجو خاندان جو عزت ۽ احترام جو رشتو رھيو آھي، سندن ادبي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو ۽ سنڌي ادب ۾ سندن نالو عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته اهڙيون شخصيتون قومن جو سرمايو هونديون آهن ۽ سندن وڇوڙو پوري ادبي برادري لاءِ ڏکوئيندڙ لمحو هوندو آهي. جڏهن ته اڳوڻي ايم پي اي ۽ ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي اڳوڻي چيئرمين غلام قادر پليجو، سنڌ جي سڀني ساڃاهوندن پُڻ آپا مريم مجيدي جي لاڏاڻي تي ڏُک جو اظهار ڪيو آهي.

تبصرے بند ہیں۔