واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران تي فيصله ڪن حملو پاڪستان جي ڪجهه بهترين ماڻهن جي درخواست تي روڪيو ويو اهي شخصيتون ايران جي تمام گهڻو ويجهيون آهن، منهنجو صبر هاڻ جواب ڏئي رهيو آهي.
ٽرمپ ايران بابت چيو ته هر ڀيري جڏهن مان ڊيل ڪندو آهيان ته ٻئي ڏينهن ائين لڳندو آهي ته اسان جون ڳالهيون ٿيون ئي نه هيون، انهن سان ڪو مسئلو آهي، اصل ۾ اهي چريا آهن.
انهي کان علاوه چين کان واپسي تي ايئرفورس ون ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته مان جنگبندي جي حق ۾ نه هئس پر ٻين جي چوڻ تي جنگبندي ڪئي، اها جنگبندي پاڪستان جي نوازش هئي.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ دفعو ٻيهر وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي تعريف ڪندي ٻنهي کي شاندار شخصيتون قرار ڏنو ۽ چيو ته انهن مون کي حملي کان روڪيو ۽ چيو ته اسان ڊيل ڪرائي ڇڏينداسين. آمريڪي صدر ٽرمپ چين جي دوري کي به ڪامياب ۽ تاريخي لمحو قرار ڏنو.
چين جي دوري کان پوءِ واپس وائٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهين دوران ٽرمپ چيو ته چين سان عظيم واپاري معاهدا ٿيا، اسان جا بهترين لاڳاپا آهن، اوهان کي گهڻين شين جي خبر پوندي. صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٽرمپ چيو ته ايران جو ايٽمي پروگرام 20 سالن جي لاءِ معطل ڪرڻ تي اعتراض ناهي پر ايران جو ارادو حقيقي هجڻ گهرجي، چين جي صدر شي جن پنگ سان ايٽمي هٿيارن ۾ گهٽتائي ۽ تائيوان معاملي تي به ڳالهيون ٿيون.
ٽرمپ چيو ته تائيوان بابت آمريڪي پاليسي ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي، مون کي نٿو لڳي ته تائيوان سان ڪو تڪرار ٿي رهيو آهي. في الحال تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ جي منظوري ناهي ڏني.
تبصرے بند ہیں۔